Friday , March 29 2024

ميگا مني لانڊرنگ: جي آءِ ٽي جي رپورٽ اڄ سپريم ڪورٽ حوالي ٿيندي

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) جعلي اڪائونٽس ذريعي اربين رپين جي مني لانڊرنگ اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي اڄ صبح سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ اومني گروپ جي انور مجيد ۽ سندس پٽ اَي جي مجيد کي مک جوابدار قرار ڏنو ويو آهي. جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم پنهنجي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي جيڪا سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي پاران رپورٽ ۾ انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالمجيد کي مک جوابدار قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته حسين لوائي ۽ سنڌ جي هڪ اهم شخصيت سميت 30 ڄڻن جا نالا به جي آءِ ٽي لسٽ ۾ شامل آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ بلاول ڀٽو جا نالا بينيفيشري طور شامل آهن جن جا بيان به ريڪارڊ ڪيا ويا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ سنڌ جي ڪمزور صنعتن جي بحالي جي نالي تي اربين رپين رپيا ڏيڻ تي سنڌ جي هڪ اهم شخصيت جو نالو به شامل آهي، جڏهن ته سنڌ سرڪار جي 20 کان وڌيڪ آفيسرز کي به لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي . ذريعن جو چوڻ آهي ته حسين لوائي سميت 30 بينڪرز جا نالا به مني لانڊرنگ رپورٽ ۾ شامل آهن ۽ جعلي اڪائونٽس ۾ رقم جمع ڪرائڻ وارن 20 ٺيڪيدارن جا نالا به لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *