Friday , March 29 2024

ميهڙ ۾ 3 ڄڻن جو قتل-2جوابدار پاڻ پوليس وٽ پيش پيا،2ضمانت تي،پوليس هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪيو

ڪراچي(اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ميهڙ ۾ گذريل مهيني قتل ٿيل يو سي ٻليدائي جي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو سندس ٻن پٽن ابل ۽ مختيار چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ پوليس ٽن مک جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، جن مان 2 جوابدار ايم پي اي سردار چانڊيو سندس ڀاءُ برهان چانڊيو ضمانت تي آهن ۽ مرتضيٰ چانڊيو اڃان تائين ڪيس ۾ ڀاڳيلو/مفرور جوابدار آهي. پوليس جي ئي بيان مطاب 2 جوابدار علي گوهر چانڊيو ۽ سندس ساٿي پاڻ پوليس آڏو پيش پيا هئا.ان سلسلي ۾ ايس ايس پي حيدر آباد ۽ ڪيس جي جاچ آفيسر سيد پير محمد شاهه رابطو ڪرڻ تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ڪيس جي جاچ هلندڙ آهي انڪري اڃا تائين حتمي چالان عدالت ۾ پيش ناهي ڪيو. مقتول ڪرم الله واري ڌر جي ايف آءِ آر/ڪيس ۾ هن وقت تائين 12 شاهدن جا بيان قلمبند ڪري چڪا آهيون،جيڪڏهن ضرورت پئي ته وڌيڪ ماڻهن جا به بيان رڪارڊ ڪيا ويندا.

جاچ آفيسر پير محمد شاهه جو چوڻ هو ته، ميهڙ واقعي ۾ پيءُ ۽ ٻن پٽن جي قتل واري واقعي دوران ئي جيڪو جوابدار ڌر جو ماڻهو قادو چانڊيو مارجي ويو هو، جيڪو ڪرم الله واري ڌر جي ايف آءِ آر ۾ جوابدادر نامزد ٿيل آهي؛ ان جي قتل جو ڪيس ڪرم الله واري فريادي ڌر خلاف داخل ڪرايو ويوهو. ان ۾ به فريادي ڌر جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن.هن چيو ته ان ۾ فريادي ۽ مقتول جي گهر واري دُر بي بي چانڊيوجي بيان مطابق ۽ ڪيل جاچ ۾ اها ايف آءِ آر ٺهي نه ٿي؛ مطلب اها ايف آءِ آر سچي نه ٿي لڳي.

ايس ايس پي پير محمد شاهه جو چوڻ آهي ته، سندس ڪوشش آهي ته ڪيس جو حتمي رپورٽ ۽ حتمي چالان ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 10 هين فيبروري تي نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.  ڪيس جي ٻن جوابدارن پاڻمرادو پوليس آڏو پيش ٿيا آهن. 2 جوابدار سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو ضمانت تي آزاد آهن، جن کي ضمانت هجڻ تائي گرفتار نه ٿو ڪري سگهجي.

دادو پوليس جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جو هڪ اهم جوابدار مرتضيٰ چانڊيوواقعي واري ڏينهن يعني 17 هين جنوري تي اهم ماڻهن سان رابطو ۾ هو. دادو پوليس جي ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، جوابدار مرتضيٰ چانڊيو 17 جنوري کان 25 هين جنوري تائين، فريد آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ اوڪريم چانڊِيو سان موبائل فون تي مسلسل رابطي ۾ هو، ان دوران ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل جي ايف آءِ آر به داخل ٿيل هئي. مرتضيٰ چانڊيو تي دادو، سکر ۽ نوشهروفيروز ضلعن جي  مختلف ٿاڻن تي اڳ ۾ ئي 18 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن. هن کي سردار چانڊيو ڪيترن ئي ڪيسن مان ٺاهه ڪرائي آجو به ڪرائي چڪو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *