Friday , April 19 2024

ميهڙ ۾ ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

دادو( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ميهڙ ۾ 22 ڏينهن  اڳ قتل ڪيل يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو  ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جوابدارن جي پڄڀرائي ڪري رهي آهي، پوليس ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي،جوابدار گرفتار نه ٿيا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ڪرم الله چانڊيو، قابل ۽ مختيار چانڊيو جي قتل ڪيس جي نامزد جوابدارن ايم پي اي سردار چانڊيو، اڳوڻي صوبائي صلاحڪار برهان چانڊيو سميت مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن، مقتول ڌر جي ماڻهن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن اعجاز چانڊيو، عامر مهيسر، اويس ميمڻ، مهراڻ چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾گل ڪالوني کان احتجاجي  ريلي ڪڍي 2 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو. مارچ ۾ شامل عورتن ۽ مردن گهنٽا گهر چوڪ وٽ ايوان صحافت آڏو هڪ ڪلاڪ  ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ميهڙ ۾ 3 ڄڻن جي قتل ۾ نامزد سردار چانڊيو فريال ٽالپر سان گڏ ويٺل-فائل فوٽو

ان موقعي تي اڳواڻن  چيو ته  ميهڙ واقعي ۾ بي گناهه ماڻهو قتل ڪيا ويا، پر پوليس ڪيس ۾ نامزد ڪيل  بااثر جوابدار ايم پي اي سردار چانڊيو، اڳوڻي صوبائي صلاحڪار برهان چانڊيوکي گرفتار ڪرڻ بدران کين بچائڻ جا بهانا ڳولي رهي آهي. هنن چيو ته جوابدارن کي بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پوليس کي استعمال ڪري ڪيس لوڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هنن گهر ڪئي ته ڪيس ۾ نامزد ڪيل سمورا جوابدار گرفتار ڪري کين سخت سزائون ڏنيون وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *