Friday , March 29 2024

ميهڙ سانحو: سنڌ حڪومت قاتلن جي سرپرستي پئي ڪري پي ٽي آءِ سنڌ اسيمبلي ۾ التويٰ واري تحريڪ جمع ڪرائي ڇڏي

ڪراچي( رپورٽر      سنڌ سماءَ چار) ميهڙ سانحي خلاف پي ٽي آءِ به ميدان ۾ اچي وئي آهي، ايم پي اي خرم شيرزمان ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن واري معاملي بابت سنڌ اسيمبلي ۾ التوا واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جيڪا ايندڙ اجلاس ۾ پيش ٿيڻ جو امڪان آهي. ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل واري سانحي خلاف، ڪيترن ئي ڏينهن تائين سوشل ميڊيا ۽ وارثن پاران آواز اٿاريو پي ويو، جنهن بعد سنڌ جا شاعر، اديب ۽ ٻيون سڄاڻ ڌريون ميدان ۾ نڪتيون ۽ ميهڙ ۾ ڌرڻو هنيو.

ميهڙ سانحي خلاف هاڻي پي ٽي آءِ پاران به سنڌ اسيمبلي ۾ آواز اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي ايم پي خرم شير زمان ميهڙ سانحي بابت سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ التوا جمع ڪرائي ڇڏي. تحريڪ التوا ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت قاتلن جي سرپرست آهي، چانڊيا قبيلي سان تعلق رکندڙ هڪ ئي خاندان جي ٽن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. دادو ۾ قتل عام تي  سنڌ اسيمبلي ۾ بحث ڪيو وڃي. تحريڪ التوا ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سنڌ جي عوام کي بي يارو مددگار نه ڇڏينداسين، قابل چانڊيو، مختيار چانڊيو ۽ ڪرم الله چانڊيو جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. تحريڪ التوا ۾ خرم شير زمان چانڊيا قبيلي جي 3 ماڻهن جي قتل جو چيف جسٽس کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *