Thursday , March 28 2024

ميهڙ جي شهيدن جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، لاڙڪاڻي سميت مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار نيوز) مهيڙ ۾ ڏيڍ هفتو اڳ شهيد ڪيل ڪرم الله چانڊيو، مختيار ۽ قابل چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاڙڪاڻو، شهداد ڪوٽ، جوهي، ميهڙ ۽ سيٺارجا سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته، سرداري نظام خلاف بغاوت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيلن جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ سنڌ حڪومت جي ناڪامي آهي. سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس معاملي جو پاڻمرادو نوتيس وٺي انصاف ڪرائي.ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل 7 جوابدارن مان 6 جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ميھڙ ۾ بشير، مھراڻ چانڊيو، عامر مھيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گل ڪالوني کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي ايوان صحافت آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي.

لاڙڪاڻي، شهدادڪوٽ ۽ جوهي ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران ميهڙ ۾ يوسي چيئرمين ۽ سندس ٻن پُٽن جي  قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. لاڙڪاڻي ۾ عوامي راڄ تحريڪ پاران سيد خليل احمد شاهه ۽ اطهر علي بروهي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن ڪرم الله ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف نعري بازي ڪئي. شهدادڪوٽ ۾ ايس يو پي پاران پير بخش ڀٽي ۽ رستم سومري جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو. جوهي ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ڪاشف جمالي، فيض رند، الهيار رودناڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.

لاڙڪاڻو، شهداد ڪوٽ، جوهي، ميهڙ ۽ سيٺارجا ۾ احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پوليس هن وقت تائين صرف هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو، جنهن به پاڻ گرفتاري پيش ڪئي، مک جوابدار برهان ۽ ايم پي اي سردار چانڊيو عارضي ضمانتون ڪرايون آهن، جن کي به پوليس گرفتار ڪرڻ بدران ٽائيم ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ اهي ضمانتو ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. هنن چيو ته ڪرم الله ۽ سندس خاندان جي ٻن ڄڻن کي سري عام حملو ڪري شهيد ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته، سنڌ حڪومت اڻسڌي طرح جوابدارن جي ڌر بڻجي وئي آهي، جيڪا بااثر جوادبارن کي بچائڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي. احتجاج ڪندڙن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار کي اپيل ڪئي ته ميهڙ سانحي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي متاثرن سان انصاف ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *