Saturday , April 20 2024

ميهڙ اسپتال تي عدالتي ڇاپو، ايم ايس سميت 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، دهشتگردي ايڪٽ به شامل

دادو (رپورٽر سنڌ سماءَ چار) مهيڙ تعلقي اسپتال ۾ ڪرپشن، جج ڇاپي هڻي ايم ايس سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، دهشتگردي ايڪٽ سميت فراڊ جا قلم لڳائي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. سول جج ميهڙ محمد عظيم سولنگي تعلقي اسپتال ميهڙ تي ڇپو هڻي، دوائون وڪرو ڪرڻ، عام ماڻھن سان غلط رويو رکڻ جي الزام هيٺ ايم ايس اشفاق سومرو، ڊاڪٽر اختر ڳورڙ، ڊسپينسر غلام نبي چانڊيو، اسٽور ڪيپر خرم آفتاب، وارڊ سرونٽ سجاد چانڊيو ۽ ڪلارڪ فاروق سيال کي گرفتار ڪري کاڪ حوال ي ڪرائي ڇڏيو. سول جج جي دوري دوران ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر منان ڏيرو، ڊاڪٽر محمد خان شيخ، ڊاڪٽر مشتاق چانڊيو، ڊاڪٽر آمنا، ڊاڪٽر عظميٰ ڊيوٽي تان غائب هئا ۽ سندن ڪيترن ڏينهن کان حاضري رجسٽر تي صحيحون ٿيل نه هيون ۽ انهن جي حاضري واري خاني ۾ غيرحاضري به لکيل نه هئي. عدالتي ڇاپي وقت پيرا ميڊيڪل عملو پڻ ڊيوٽي تان غائب ھو.

سول جج ميهڙ اسپتال جو حاضري رجسٽر پڻ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. سول جج ميهڙ جي وزٽ بعد سيشن جج دادو اشوڪ ڪمار به تعلقي اسپتال ميهڙ پهچي اسپتال جي سمورن شعبن جو جائزو ورتو ۽ اسپتال ۾ شگر، هيپاٽائيٽس جي 3 مهينن کان دوائن جي کوٽ ۽ صحت کاتي پاران 3 مهينن کان دوائون جاري نه ڪرڻ ۽ دوائن جي کوٽ سبب سيشن جج دادو اشوڪ ڪمار پنهنجي کيسي مان 25000 رپيا فنڊ ڏنو، ان موقعي تي ايم ايس کين ٻڌايو ته ٽن مهينن کان دوائون نه پيو ملن، سيشن جج اسپتال انتظاميا کي آخري مهلت ڏيندي انتظام بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ميهڙ اي سيڪشن پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته ان موقعي تي اي ايس پي دادو انيل حيدر پڻ موجود هو. جڏهن ته گرفتار ٿيل ايم ايس سميت 6 ڄڻن ۽ غير حاضر ٿيل ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف جي ملازمن تي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ قلم 220 ، 381 ، 324 ، 427 ، 34 پي پي سي ، 506/2 67, ATA تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جن کي اڄ نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *