Friday , April 19 2024

ميرپور خاص واسڻ شاگردياڻي بيبي مري پاڻ ماريو يا قتل ٿي؟؟

شاگردياڻي بيبي مري جي حياتي جي تصوير ۽ سندس قبر – سنڌسماءَچار فائيلز

سنڌڙي (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ميرپور خاص ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ شڪي آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي بَيبي مري جي موت وارو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي، سندس موت جو اصل ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ عدالتي حڪم تي سندس قبرڪشائي ڪري مڙهه جا جزا وٺي پوسٽ مارٽم ۽ ڪيميڪل ايگزمائين ڪرائڻ لاءِ ليبياريٽري اماڻيا ويا آهن. ايڊيشنل سيشن جج جي نگراني ۾ جاچ ٽيم درگاهه لشڪر شاهه قبرستان ۾ 5 رُڪني بورڊ قبر ڪُشائي ڪري جُزا ورتا. قبرڪشائي ۽ جزا وٺڻ وقت بيبي مري جو پيءُ مولا بخش مري به موجود ھو. ميڊيڪل بورڊ ۾ ڊاڪٽر سيد خالد شاهه، ڪنوينر ڊاڪٽر مظهر، چيئرمين ڊاڪٽر وحيد ناهيون ۽ هڪ ليڊي ڊاڪٽر سوڌو 5 ڄڻن تي ٻڌل بورڊ قبر ڪُشائي ڪري ميڊيڪل لاءِ جُزا ورتا ويا.

ڪجهه ڏينهن اڳ جمڙائو ڪئنال ۾ بيبي مري پُراسرار نموني ٻُڏي فوت ٿي وئي هئي. وارثن پنج ڏينهن بعد لاش هٿ ڪيو ۽ پوءِ رات پيٽ ۾ ئي پوليس کي ٻڌائڻ کانسواءِ دفنائي ڇڏيو هو. جنهن بعد بيبي مري جي والد جي ٽي ڀيرا ڏنل بيان جيڪو ٽئي ڀيرا مختلف هو سندس ڌيءُ جي موت کي وڌيڪ شڪي بڻائي ڇڏيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *