Thursday , March 28 2024

ميرپورخاص ماسٽر پلان ۽ پيئڻ جو پاڻي مهيا نه ڪرڻ تي مڪاني ادارن جو سيڪريٽري جيل وڃي سگهي ٿو…!

Mirpurkhas01

حيدرآباد: ميرپورخاص ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان رپورٽ نه ڏيڻ ۽ عدالت جي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد پاران عدالت ۾ پهتل سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم، سيڪريٽري کي پوليس جي تحويل ۾ ڏيڻ لاءِ عدالت ايس ايس پي حيدرآباد پير محمد شاهه کي ڪورٽ ۾ سڏايو ويو، فوڪل پرسن معافي نامو لکي سيڪريٽري کي بچائي ورتو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ ميرپورخاص ۾ ترقياتي ڪمن، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ صفائي سٿرائي جي حوالي سان ايڊووڪيٽ ممتاز جروار پاران داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي وقت سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ رمضان اعواڻ، ڊي سي ميرپورخاص، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ماسٽر پلان، چيف ميونسپل آفيسر ميرپورخاص، ايل بي او ڊي جو عملدار ۽ ٻيا عملدرآمد پيش ٿيا. درخواست تي ٻڌڻي وقت وڪيل دليل ڏنا ته ميرپورخاص ۾ هڪ ارب 60 ڪروڙ جي بجيٽ سان تيار ڪيل ماسٽر پلان تي عملدارآمد نٿو ڪيو وڃي،وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت ماسٽر پلان سميت پاڻي واري معاملي تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، لاڳاپيل عملدار آيا آحن کائن پڇيو وڃي ته عدالتي حڪم تي عمل ٿيو آهي يا نه؟ وڪيل جي موقف تي عدالت لاڳاپيل ڌرين کان رپورٽ پڻ طلب ڪئي ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کان پڇاڻو ڪيو ته ميرپورخاص جي ماسٽر پلان تي عملدارآمد ڪرائڻ جي سلسلي ۾ عدالت جي ڏنل حڪمن تي عمل ڇو نه ڪيو ويو آهي.

SHC

ترقياتي ڪمن جي حوالي سان جائزو وٺڻ لاءِ عدالت ۾ تفصيل ڇو پيش نه ڪيا ويا آهن، ٻڌڻي وقت سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ عدالت آڏو رپورٽ پيش نه ڪئي ته عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت چيو ته عدالت جي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي جيل وڃي سگهو ٿا، جڏهن ته عدالت ايس ايس پي حيدرآباد پير محمد شاهه کي عدالت ۾ سڏائي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي پنهنجي تحويل ۾ رکڻ جا ريمارڪس ڏنا. عدالت ۾ موجود حڪومت جي فوڪل پرسن معافي نامو لکي ڏنو ته عدالت سيڪريٽري کي پوليس جي حوالي ڪرڻ بدران معاف ڪيو، جڏهن ته ماهوار ميرپورخاص ماسٽر پلان جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري کي پابند بڻايو. جڏهن ته سيڪريٽري کي چيو ته ايڊيشنل ايڊووڪيٽ سان گڏ ويهي ڏيڍ بجي تائين ماسٽر پلان تي عملدرآمد ڪرڻ جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جنهن بعد سيڪريٽري رپورٽ پيش ڪئي. ان ڏس ۾ عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي حڪم ڏنو ته ميرپورخاص ماسٽر پلان جي سلسلي ۾ ڊي سي ميرپورخاص جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وڃي، جنهن ۾ ضلعي ڪائونسل چيئرمين، ميونسپل چيئرمين، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، هاءِ ڪورٽ بار جو صدر کي شامل ڪري ماسٽر پلان جو جائزو وٺي رپورٽ ڏني وڃي. جنهن بعد عدالت ڪيس جي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *