Saturday , April 20 2024

ميرپورخاص، سنڌڙي، ميرواهه گورچاڻي سميت مختلف علائقن ۾ سانوڻي جي مينهن تباهي ڪري ڇڏي، ڪيترائي گهر ڊهي پيا

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران سنڌ ۾ اعلانيل رين ايمرجنسي ڪراچي کان ٻاهر نڪري نه سگهي

ميرپورخاص ضلعي ۾ سانوڻي جي مينهن تباهي مچائي ڇڏي، سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا

متاثر بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل، چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميا گم ٿي وئي

ميرواهه گورچاڻي( خاص نمائندو سنڌ سماچار) ميرپورخاص ۽ ميرواهه گورچاڻي سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سانوڻي جي مينهن تباهي مچائي ڇڏي، سنڌ حڪومت پاران رين ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ باوجود، آبپاشي کاتي سميت واڳيل اختيارين جا عملدار گم ٿي ويا. سڄي سنڌ جيان ميرواهه گورچاڻي، سنڌڙي، ميرپور خاص ۽ سانگهڙ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ طوفاني مينهن تباهي مچائي ڇڏي آهي. ميرواهه گورچاڻي سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آچر ڏينهن ۽ سومر جي  وچ واري رات جو تيز مينهن جاري آهي، مينهن سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن.

سوين ڳوٺن ۾ 2 کان 3 فوٽ پاڻي بيهجي ويو آهي، جنهن ۾ لاڳيتو واڌ اچي رهي آهي. رام ڪالوني غريب آباد ڪالوني، محمدي ٽائون ڳوٺ لشڪري ڪورائي ڳوٺ سانوڻ ڪورائي، سانوڻ ڪورائي ۾ به ڪيترائي ڪچا گهنر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. رهواسي پنهنجي مدد پاڻ تحت مينهن کان بچڻ  لاءِ ڪوششُن ڪري رهيا آهن. گذريل ڏينهن کان ميرپور خاص سميت ٻين علائقن ۾ برسات جي تباهڪارين سبب متاثر رستن ۽ مٿاهين وارن علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا، جتي ٻيهر تيز مينهن سبب سندن کٽن ۽ ٻين اولن سان عارضي اجها به پٽ پئجي ويا آهن.

برسات متاثرن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ رين ايمرجنسي جو اعلان ڪيو هو پر گذريل ٻن ڏينهن کان آبپاشي کاتي، روينيو توڙي ضلعي انتظاميا ڪٿي به نظر ناهي آئي، متاثرن جو چوڻ آهي ته وٽائن کاڌي پيتي جو سامان به ختم ٿي ويو آهي يا وري مينهن ۾ لڙهي ويو، سندن ٻچا لنگهڻ تي آهن. هيل تائين وٽن ڪو به چونڊيل نمائندو، اين ڊي ايم اي يا وري ضلعي انتظاميا جو ذميوار لڙي ناهي آيو. سنڌڙي، ميرواهه گورچاڻي سميت ميرپور خاص ضلعي، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ٿرپارڪر ۾ به سانوڻي جو مينهن جاري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *