Friday , March 29 2024

ميرپوربٺور ۾ وڳوڙين جي قديمي هنومان مندر ۾ ڀڃ ڊاهه، مورتين جي بيحرمتي

ميرپور بٺورو(سنڌ سماءَ چار رپورٽ ) ميرپور بٺورو ۾ وڳوڙين ۽ نفرت ڦهلائيندڙ ماڻهن هندو برادري جي قديمي مندر ۾ مورتين جي بيحرمتي ڪري ڀڃ ڊاڪڪ ڪرڻ بعد ڀڄي ويا، هندو برادري پاران جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو. ميرپوربٺورو جي موچي پاڙي  ۾ ڪجهه وڳوڙي ماڻهن هندو برادري جي هنومان مندر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري بيحرمتي ڪئي، هنومان جي مورتي پٽي ٻاهر اڇلائي ڇڏي بيحرمتي ڪئي.

قديمي هنو مان مندر جي سار سنڀال لهندڙ سيٺ پريتم داس جو چوڻ آهي ته کين خبر نه پئجي سگهي آهي ته واقعي ۾ ڪير ملوث آهي، ڇاڪاڻ ته ڀڃ ڊاهه دوران مندر جي اندر توڙي ڀرپاسي جوابدارن کان ٻيو ڪير به موجود نه هو، جنهن جوابدارن کي ڏٺو هجي، پوليس به واقعي واري هنڌ پهچي ڄاڻ ورتي آهي، سندس چوڻ هو ته ماڻهن کان واقعي جي ڄاڻ وٺڻ بعد پوليس وٽ اين سي داخل ڪرائي ويندي، پريتم داس جو چوڻ آهي ته جنهن مندر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي آهي، اهو 200 سال قديمي آهي، مندر ۽ مورتي جي بيحرمتي ڪري ظلم ڪيو وي آهي، واقعي ۾ ملوث شرپسندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *