Thursday , April 18 2024

موٽرسائيڪلن ۽ رڪشائن جي رجسٽريشن فيس ۾ واڌ ٿي يا نه؟

موٽرسائيڪلن ۽ رڪشائن جي رجسٽريشن فيس ۾ ڪو به واڌارو ناهي ڪيو ويو، ايف بي آر جي وضاحت

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت پاران موٽرسائيڪلن ۽ رڪشائن جي رجسٽريشن فيس ٽي هزار چار سئو رپين مان وڌائي ويهه هزار 900 سئو رپيا ڪرڻ وارين خبرن عام ماڻهن کان دانهون ڪڍرائي ڇڏيون، سوشل ميڊيا جي مختلف سائيٽس تي به اهو معاملو بحث هيٺ رهيو. ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي موٽرسائيڪلز ۽ رڪشائن جي ٽيڪس ۾ واڌ وارين خبرن کانپوءِ سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي وزير اهڙي ٽيڪس لاڳو ڪري وصول ڪرڻ کان جواب ڏيندي ايف بي آر کي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ چيوي ويو ته ايف بي آر پارا لڳو ڪيل اهڙو ٽيڪس نه اوڳاڙينداسين. ان کانپوءِ کي وضاحت ڪرڻي پئي.

ايف بي آر ترجمان چيو ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 جي شقن 231 بي ۽ 234 تحت موٽر وهيڪلز تي اڳواٽ لاڳو ٽيڪس ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي، ان حوالي سان خبرون بي بنياد آهن، بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايف بي آر انهن خبرن جي سختي سان ترديد ڪري ٿي. موٽرسائيڪل ۽ رڪشا تي واڌو ٽيڪس لڳائڻ جو ڪو ارادو ناهي. انڪم ٽيڪس 2001 تحت اهو ٽيڪس رڳو گاڏين تي لاڳو آهي. حڪومت گهٽ آمدني واري طبقي کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ چاهي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *