Friday , March 29 2024

موهن جو دڙو ۾ ماءُ جي پٿر تي آيل پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان مرڻينگ،سندس زال قتل

موهن جو دڙو ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ڳوٺ نيڪالي وارو ٽوڙڻ تي ناري قتل، نوجوان ذوالفقار ابڙو مرڻينگ

لاڙڪاڻو(رپورٽر  سنڌسماءَچار) موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ بگي ۾ هٿياربندن حملو ڪري ڪجهه عرصو اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري کي قتل ۽ ساندس مڙس کي مرڻينگ ڪري ڀڄي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري رابعا ابڙُ ۽ ذوالفقار ابڙو ڪجهه عرصو اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تي ناري جا وارث خوش نه هئا. موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ بگيءَ ۾ هڪ عورت جو جنازو کنيو پئي ويو ته اتي موجود رابعا ابڙو ۽ سندس مڙس ذوالفقار ابڙو تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ رابعا ٿڏي تي مارجي وئي ۽ سندس مڙس ذوالفقار گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ مرڻينگ ٿي پيو. وارثن ناري جو لاش ۽ سندس زخمي مڙس کي ڏوڪري اسپتال پهچايو ويو جتي، جتي ڊاڪٽر ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد ذوالفقار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتالمنتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج هندڙ آهي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ٻنهي ڪجهه عرصو اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو. جنهن معاملي جو راڄوڻي ذريعي فيصلو ڪري ٻنهي کي ڳوٺ نيڪالي ڏني وئي هئي، اکاري ڏينهن نوجوان ذوالفقار جي امڙ فوت ٿي ته ٻئي زال مڙس آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ آيا، جنهن دوران مٿن حملو ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته جوڙي تي ناري جي اڳوڻي سهري ميهر ابڙو پنهنجي ڀاءُ حاڪم سان گڏجي حملو ڪيو ۽ پوءِ فرار ٿي ويو. پسند جي پرڻي کان اڳ ناري رابعه جوابدار ميهر جي پٽ عباس جي مڱيندي هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، الزام هيٺ آيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ به ڇاپا هنيا پيا وڃن. ناري رابعه ۽ نوجوان ذوالفقار ابڙو پاران پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد 2 سال اڳ برادري مٿن ڳوٺ اچڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *