Wednesday , April 24 2024

مون کي سنڌ جي هر سور جي خبر آهي، ڇا اسان انهن سورن لاءِ رڳو خبرون ڪندا رهون؟: علي قاضي

اوٻاوڙو(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته، مون کي سنڌ جي هر سور جي خبر آهي، ڇا اسان انهن سورن لاءِ رڳو خبرون ڪندا رهون؟، تبديلي پسند پارٽي غريبن جي پارٽي آهي، ان تي نه ڪنهن ڀوتار جو اثر ناهي، تبديلي پسندن جو 8 اپريل تي حيدر آباد ۾ عوامي جلسو ڪيو ويندو. اوٻاوڙو ۾ تبديلي پسند پارٽي جي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي  علي قاضي چيو ته، سنڌ ۾ ننڍن ٻارن کي حالتن جي مجبوري جي ڪري مزدوري ڪرڻي پوي ٿي، انهن ٻارن کي اسڪول ۾ هجڻ گهرجي. مون کي سنڌ جي هر سور جي خبر آهي، ڇا اسان انهن سورن لاءِ رڳو خبرون ڪندا رهون؟ هن چيو ته سنڌ جي حالت ائين آهي ڄڻ ڪا بمباري ٿيل هجي. سموري سنڌ جا مسئلا هڪ جهڙا آهن، دانهن ڪـُوڪَ به ساڳي آهي ۽ ان جو حل به هڪ آهي ۽ اهو سٺي حڪمراني آهي.

علي قاضي چيو ته ڀوتارڪي ذهنيت رکندڙ حڪومتن ڪڏهن به ناهي چاهيو ته سنڌ جي ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ٿين. اهي به سنڌ جي ماڻهن کي بيوقوف، ڊڄڻو ۽ ويڪائو چئي بي عزتي ڪن ٿا. هاڻي انهن سان ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جا ماڻهو مقابلو ڪري انهن کي هارائي بدلو وٺندا. اسان جي کربين رپين جي چوريءَ جا پيرا ڀوتارن جي بنگلن ۽ محلن ڏانهن وڃن ٿا، ان ڪري سنڌ جي ماڻهن ڪرپشن جي خاتمي لاءِ به تياري ڪري ورتي آهي.تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته، اسان اهڙي سنڌ ٺاهڻ چاهيون ٿا، جتي امير ۽ غريب ٻارن جو ساڳين اسپتالن ۾ علاج ٿئي ۽ ننڍي توڙي وڏي آبادگار کي فصلن جو هڪ جهڙو اگهه ملي. تبديلي پسندن جي ميڙاڪي کي مولا بخش پنهور، احمد خان سيلرو، ايڊوڪيٽ اجمل سولنگي، ميان عبدالرحيم ڀارو ۽ ٻين به خطاب ڪيو. اڳواڻن چيو ته سنڌ جو تبديلي پسند عوام 8 اپريل تي حيدرآباد واري جلسي ۾ پنهنجي ڀرپور شرڪت يقيني بڻائي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *