Friday , March 29 2024

مولانا فضل الرحمان 7 جولاءِ کان سڄي ملڪ۾ مدرسا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو. سنڌسماءَچار) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن سموري ملڪ ۾ سڀاڻي ستين جولاءِ کان سڄي ملڪ ۾  مدرسا کولڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اپوزيشن پارٽين جا اڳواڻ پاڻ سان گڏ ڪارڪنن کي به مارچ ۾ شرڪت ڪرائين ھا ته اڄ ملڪ جو نقشو ئي ڪجھ ٻيو ھجي ھا. لاڙڪاڻي ۾ حاجي منور علي عباسي جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته، سڀاڻي 7 جولاءِ کان سڄي ملڪ۾ ايس او پيز تحت سمورا مدرسا کولينداسين. مولانا فضل الرحمٰن چيو ته سڀئي عالم سڀاڻي کان ايس او پيز تحت ننڍا مدرسا کولي ڇڏين. هن چيو ته ملتان ۾ کوليل مدرسن تي پوليس جو تشدد ناقابل برداش جوڳو عمل آهي. هن چيو حڪومتي جبر ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. مولانا چيو ته ايس او پيز تحت کليل مدرسن تي زيادتي ٿي ته ان جو نتيجو خراب نڪرندو ۽ذميوار حڪومت هوندي. هن چيو ته لانگ مارچ ۾ مخالف ڌر پنهنجن ڪارڪنن سان شرڪت ڪري هان ته ملڪ جو نقشو تبديل ٿي وڃي هان. جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته نواز شريف ۽ زرداري ايترو قرض نه کنيو آهي جيترو عمران خان ورتو آهي. مولانا چيو ته هن وقت وفاق ۽ صوبن کي غلط پاليسن سبب وڙهايو پيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *