Saturday , April 20 2024

مولانا فضل الرحمان پاران وزيراعظم کي 3 نومبر تائين استعيفيٰ ڏيڻ جي مهلت

مولانا فضل الرحمان  وزيراعظم کي 3 نومبر تائين استعيفيٰ ڏيڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي،جيڪا ڳالهه ڪيان ٿو اها، آصف، نواز شريف، بلاول ٻڌي ورتي آهي پر انهن به ٻڌي ڇڏي: فضل الرحمان

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان کي 3 نومبر تائين استعيفيٰ ڏيڻ جي مهلت ڏيندي ڊي چوڪ طرف وڌڻ جو چتاءُ به ڏئي ڇڏيو آهي، جي يو آءِ سربراهه چيو ته مان جيڪا ڳالهه ڪيان ٿو اها، آصف زرداري، نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ته ٻڌي ورتي آهي پر انهن به ٻڌي ڇڏي آهي جن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو. جي يو آءِ پاران مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ ڪراچي مان نڪتل آزادي مارچ اسلام آباد ۾ ديرو دمائي ڇڏيو آهي، آزادي مارچ جي جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان وزيراعظم عمران خان کي استعيفيٰ ڏيڻ جو الٽيميٽم ڏيندي چيو ته، جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر استعيفيٰ نه ڏني ته اسان ڊي چوڪ طرف به وڌي سگهون ٿا،  اسان پرامن رهيا آحيون ۽ پرامن رهنداسين، مارچ ۾ شريڪ عوام به پرامن آهي پر ان ۾ ايتري طاقت آهي جو اُهي وزيراعظم هائوس ۾ داخل ٿي وزيراعظم عمران خان کي گرفتار ڪري سگهن ٿا. آزادي مارچ جي جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته، اسان ملڪي ادارن سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ نه ٿا چاهيون پر اهي به پنهنجي پوزيشن واضح ڪن نه اسان کي به ڳالهائڻ جو حق آهي.

جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ڊي چوڪ طرف وڌڻ واري منهنجي ڳالهه نواز شريف، آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين اتحادي اڳواڻن ٻڌي ورتي آهي ۽ هي ڳالهه انهن به ٻڌي ورتي آهي جن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا. فضل الرحمان آزادي مارچ ۾ شامل ماڻهن کي ترسڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اپوزيشن پارٽيز پاڻ ۾ رابطن ۾ آهن ۽ رهبر ڪميٽي به موجود آهي، جيڪو به فيصلو ٿيندو، آزادي مارچ ۾ شريڪ ماڻهن کي آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان تي حڪومت ڪرڻ جو حق رڳو عوام کي آهي، ڪنهن به اداري کي ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جو حق نه آهي، 25 جولاءِ تي ٿيل عام چونڊون فراڊ هيون ۽ پاڪستان جي گورباچوف کي حڪمراني ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي، ڇا اسان قوم کي سدائين لاءِ نااهل حڪمران جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏينداسين؟

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *