Thursday , March 28 2024

مولانا فضل الرحمان جي بلاول سان ملاقات ۽ نيب جو مولانا کي نوٽيس!

جيڪڏهن نيب مولانا فضل الرحمان کي طلب ڪيو ته پوءِ مولانا پيشي تي اڪيلو نه ويندو،نيب ڏسندو ته پيشي تي ڪيئن اچبو آهي:راشد محمود سومرو

اسلام آباد / ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات، حڪومت مخالف تحريڪ هلائڻ لاءِ رابطا وڌائڻ تي اتفاق، فضل الرحمان چيو  آهي ته اپوزيشن جي ڪامياب اي پي سي ۽ حڪومت مخالف تحريڪ عوام ۾ نئين اميد پيدا ڪئي آهي، هاڻي اپوزيشن عوام جي ڀرجهلو ٿيندي ۽ جلد سٺا فيصال سامهون ايندا. بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي  چيو ته، پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ مان وڏيون اميدون آهن، ٻن ٽن ڏينهن ۾ سٺا فيصلا سامهون ايندا، سڀاڻي رهبر ڪميٽي جَي اجلاس ۾ اَي پي سي جَي فيصلن تي غور ويچار ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جَي يو آءِ سربراهه چيو ته سڀني کي خبر آهي ته حڪومت کي ڪنهن جِي سرپرستي حاصل آهي، جنوري ۾ لانگ مارچ حڪومت خلاف آخري قدم هوندو.

ٻئي پاسي اپوزيشن جي اي پي سي کانپوءِ نيب به سرگرميون وڌائي ڇڏيون آهن. نيب حڪومت خلاف سخت موقف رکندڙ جمعيت علماءَ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي نوٽيس جاري ڪندي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، نيب پشاور مولانا فضل الرحمان کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن هجڻ تي پهرين آڪٽوبر تي طلب ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته کيس نيب جو اڃا ڪو نوٽيس ناهي مليو، جيڪڏهن مليو ته نيب منهنجو جواب ٻڌڻ لاءِ به تيار رهي، راشد محمود سومرو چيو آهي ته جيڪڏهن نيب مولانا فضل الرحمان کي طلب ڪيو ته پوءِ پيشي تي مولانا صاحب اڪيلو نه ويندو ۽ نه ئي سندس بيان آف دي رڪارڊ هوندو.

صفوران چورنگي وٽ ڏوهارين جو نينگر تي سري عام تشدد، تڙپائي تڙپائي ماري ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *