Saturday , April 20 2024

مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ، حڪومت پريشانين جي ور چڙهي وئي

مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ، حڪومت پريشانين جي ور چڙهي وئي، فضل الرحمان پاران وزيراعظم کي اين آر او نه ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي / اسلام آباد ( رپورٽرز     سنڌسماءَچار) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پاران حڪومت خلاف اعلانيل آزادي مارچ، وفاقي حڪومت کي پريشانين جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، فضل الرحمان چيو آهي ته هاڻي وزيراعظم کي مان ڪو به اين آر او نه ڏيندس، وقت گذري ويو ڳالهيون به نه ٿينديون. تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف اپوزيشن جي اهم جماعت جميعت علماءَ اسلام پاران شروع ڪيل سخت مخالفت نيٺ وفاقي حڪومت کي پريشانين جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان پاران اپوزيشن خاص طور تي مولانا فضل الرحمان جي سياست کي ختم ٿيڻ ۽ کيس نظر انداز ڪرڻ واري پاليسي کانپوءِ نيٺ ساڻس ڳالهين لاءِ وفاقي وزير پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ چئن ميمبرز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي اجلاس دوران وزيراعظم فضل الرحمان سان ڳالهين ۽ کيس آزادي مارچ  نه ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم دفاع واري وفاقي وزير ۽ ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙيندي کين هدايت ڪئي آهي ته فضل الرحمان سميت اپوزيشن پارٽين سان رابطا ڪيا وڃن.

ان سلسلي ۾ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته، مان اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهيان ته خانصاحب کي مان ڪو به اين آر او نه ڏيندس، حڪومت کي هاڻي هر صورت ۾ گهر ڀيڙو ٿيڻو پوندو، مولانا فضل الرحمان محمود اچڪزئي سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هاڻي حڪومت سان ڳالهين جو ڪو به جواز ناهي، حڪومت جي استعيفا ڏيڻ کان گهٽ ڪنهن به شرط تي ڳالهيون نه ٿينديون، اسان جي مارچ ۾ شريڪ عوام کي روڪڻ يا دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جي نتيجن جي ذميوار حڪومت پاڻ هوندي. اسلام آباد ۾ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو ته آزادي مارچ باقائده 27 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو پر سنڌ مان جي يو آءِ جا جان نثارن جا قافلا اُٺن، موٽرسائيڪلز ۽ سائيڪلز تي نڪري چڪا آحن انهن کي روڪڻ حڪومت لاءِ ناممڪن آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *