Thursday , April 25 2024

مولانا فضل الرحمان، وزيراعظم جي استعيفيٰ واري مطالبي تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو

اڄ تائين چونڊن ۾ ڌانڌليون برداشت ڪري مجبورن قبول ڪيون، 2018 وارين چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين کي نه قبول ڪيو ۽ نه ئي وڌيڪ برداشت ڪنداسين:مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) جميعت علماءَ اسلام جو سربراهه مولانا فضل الرحمان، وزيراعظم عمران خان جي استعيفيٰ واري مطالبي تان هٿ کڻڻ لاءِ راضبو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، فضل الرحمان چيو آهي ته استعيفيٰ واري مطالبي تان هٿٿ کڻڻ لاءِ مناسب پيش آئي ته ان تي سوچي سگهجي ٿو. مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ جي يو آءِ جي جاري آزادي مارچ ڌرڻي کي خطاب ڪندي ۽ هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو آحي ته، اسان وزيراعظم جي استعيفيٰ واري مطالبي تان هنٿ کڻ ي سگهون ٿا پر ان جي لاءِ استعيفيٰ جي برابر جهڙو متبادل سامهون آيو ته پوءِ ان تي سوچي سگهجي ٿو، اليڪشنز ۾ سدائين ڌانڌليون ٿينديون رهنديون آهن، انهن ڌانڌلين کي مجبورن برداشت ڪري قبول ڪندا رهيا آهيون، پر هن ڀيري 2018 وارين چونڊن ٿيل ڌانڌلين کي ڪنهن به صورت ۾ نه ته برداشت ڪيو آهي ۽ نه ئي وري قبول ڪيو آهي. جي يو آءِ سربراهه ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهو سمجهي رهيا هئا ته هيءَ حڪومت اهڙي آهي جنهن جي پٺڀرائي ۾ انتهائي طاقتور ڌريون بيٺل آهن پر اسان حڪمرانن غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. حڪومت آڏو وزير اعظم عمران خان کان فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ ۽ نئين سر چونڊون ڪرائڻ سميت 10 مطالبا رکيا آهن، جڏهن ته وزير اعظم جي استعيفيٰ ۽ نئين سر چونڊن واري مامري تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. اڄ آزادي مارچ کي خطاب دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت آڏو مطالبا رکيا آهن، عملدرآمد نه ٿيو ته ٻيو آپشن استعمال ڪنداسين.

جناب احمد علي شيخ صاحب ! چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ياد ته هوندو؟ اصغر آزاد

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *