Friday , March 29 2024

موسميات کاتو به سنڌ دشمني تي لهي پيو

وفاقي حڪومت جي انتهائي حساس موسميات کاتي به سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کي ڌار ڪري پيش، سنڌ حڪومت سميت ڪنهن به اختياري نوٽيس نه ورتو

ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) اردو ميڊيا ۽ ايم ڪيو ايم جيان موسميات کاتو به سنڌ دشمني تي لهي پيو آهي، خميس ۽ جمعي تي برسات بابت جاري ڪيل الرٽ ۾ ڪراچي سنڌ کان الڳ ڪري لکيو آهي، ” ڪراچي/ سنڌ “ مطلب جيئن نام نهاد قومي ميڊيا ( اردو ميڊيا) ڪراچي اور سنڌ يا وري ڪراچي/اندرون سنڌ لکندا آهن اهڙو ئي رويو اختيار ڪيو آهي. موسميات کاتي پاران برسات جي الرٽ ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار لکي ڇڏيو. الرٽ ۾ موسميات کاتي تيز برسات جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۽ سنڌ جي انتظاميه کي الرٽ جي هدايت ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڄاڻايو آهي، جيڪو شهر صوبي جي راڄڌاني هجي، ۽ هڪ انتهائي اهم ۽ حساس وفاقي اداري پاران لکت ۾ پنهنجي  هڪ الرٽ/ ليٽر ۾ هڪ صوبي جي راڄڌاني واري شهر کي صوبي کان الڳ ڪري لکڻ غلطي ناهي پر ان اداري ۾ ويٺل انتظامي اختياريون ۽ اهڙا الرٽ جاري ڪندڙ اهو شخص جيڪو اهو الرٽ جاري ڪري ٿو انهن جي سوچ کي ظاهر ڪري ٿو.هن وقت تائين سنڌ حڪومت به وفاققي سرڪار آڏو ڪو احتجاج رڪارڊ ناهي ڪرايو.

ان کان اڳ سنڌ حڪومت جيو ٽي وي سميت ٻين مختلف اردو چئنلز ۽ اخبارن پاران ائين لکڻ ڪنهن به قسم جو سرڪاري سطح تي ڪو به نوٽيس ناهي ورتو. موسميات کاتي جي هن مجرماڻي عمل تي سنڌ سرڪار کي اهو معاملو موسميات کاتي جي اختيارين آڏو اٿارڻ گهرجي ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڇو لکيو ويو ۽ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ملڪ جي ڪيترن ئي ادارن توڙي سياستدانن طرفان اڪثر ڪري ڪراچي کي سنڌ کان ڌار سڏيو ويندو آهي، جنهن تي عوام سدائين آواز اٿاريو آهي پر سنڌ جي سرڪار طرفان ڪي به اثرائتا اپاءُ نه وٺڻ ڪري اها ٻه اکيائي جاري رهندي پئي اچي، الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ڪراچي، ٺٽي، ڄامشورو، دادو، قمبرشهدادڪوٽ، نوشهروفيروز، سانگهڙ ۽ لاڙڪاڻي ۾ خميس ۽ جمعي تي تيز برسات جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ امڪاني طور 50 ملي ميٽر تائين برسات پوڻ سان وڌيڪ شهري ٻوڏ جو خدشو آهي.

وفاقي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ انتظامي تڪرار نه ڪرڻ تي اتفاق

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *