Thursday , March 28 2024

موري شهر مان هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ٻارڙا گم، وارثن ۾ روڄ راڙو

پوليس اهلڪار خالد ڪورائي جي گهر واري ڪهه عرصو اڳ پنجاب واسي شخص سان ڀڄي ٻي شادي ڪئي هئي،جاچ ڪيون پيا: پوليس

نوشهرو فيروز (رپورٽر  سنڌسماءَچار) موري شهر مان هڪ ئي ڪٽنب جون ٽن ٻارڙين سميت 4 ٻارڙا گم، وارثن ۾ روڄ راڙو، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، اين سي داخل ڪري هٿ تي هٿ ڏئي ويهي رهي، معصوم ٻارڙن جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، شھر جي لطيف ڪالوني مان پوليس اھلڪار خالد حسين ڪورائي مورو ٿاڻي تي پنهنجن چئن ٻارڙن 14 سالن جي سويرا عرف سونهن، 12 ورهين جي مهڪ عرف موني، 7 سالن جو حبيب الله عرف طارق ۽ 11 سالن جي عظيمان عرف مقدس ڪورائي آچر ڏينهن صبح کان پراسرار نموني گم ٿي ويا آحن، جن جو ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو. گم ٿيل ٻارن جي والد خالد حسين ڪورائي ٻڌايو ته مان پنھنجي ٻارن کي صبح سوير مسجد ۾ قرآن پاڪ جو سبق وٺڻ لاءِ ڇڏي آيس، پوءِ هو واپس گهر واپس نه آيا، خالد ڪورائي ٻارڙن جي گم ٿيڻ جي رپورٽ مورو ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏي آھي، منھنجي ٻارن جي ڳولا م مدد ڪئي وڃي، ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او مورو محسن رضا جنڊاڻ ٻڌايو ته اسان وٽ رپورٽ داخل ٿي آھي ۽ خالد حسين ڪورائي جي گھر واري بيبي بيبظير ڪجھه وقت پھريان پنجاب جي رھواسي افضل انصاري سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي هئي، جنھن جا ڪيس لاھور ۽ سکر ھاءِ ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھن، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *