Friday , April 19 2024

مورو واسي ٻن سڳن ڀائرن سميت 3 نوجوان سمنڊ ۾ ٻڏي فوت

سمنڊ جي بي رحم لهرن مورو واسي  2 سڳن ڀائرن ۽ سندن هڪ دوست کان حياتيون کسي ورتيون

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي جي منهوڙي واري علائقي ۾ سمنڊ ۾ وهنجندي مورو واسي 3 نوجوان ٻڏي فوت، فوتي نوجوان جا مڙهه موري پهچايا ويا. منهوڙي ڀرسان سمنڊ ۾ وهنجندي مورو واسي  نوجوان ملهار ميمڻ سندس ڀاءُ مهراڻ خان پٽ لياقت ميمڻ ۽ سندن دوست فهد معراج ٻڏي فوت ٿي ويا، سمنڊ ڪناري تي موجود ماڻهن جي اطلاع تي ايڌي رضاڪارن پهچي هڪ ڪلاڪ جي ڳولا بعد ٽنهي نوجوانن جا لاش هٿ ڪري سول اسپتال منتقل ڪيا، جتي ڊاڪٽرن سندن فوتگي جي تصديق ڪئي. نوجوانن وٽان مليل موبائل فونز ۽ ٻين سڃاڻپ وارن ڪاغذن مان سندن وارثن کي اطلاع ڪيو ويو. فوتي نوجوانن جي وارثن اطلاع ملڻ بعد سول اسپتال پهچي نوجوانن جا لاش وصول ڪري اباڻي شهر موري منتقل ڪيا. نوجوانن جا لاش موري پهچايا ويا آحن، جن جي تدفين آچر تي صبح جو 10هين وڳين اباڻي قبرستان ۾ ڪئي ويندي.

ليڊي هيلٿ ورڪرز کي جنسي هيسائڻ جي الزام هيٺ آيل ڪامورو ذولفقار ڌاريجو هيپاٽائيٽس پروگرام جو انچارج مقرر

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *