Friday , March 29 2024

مورو جي جمالي ٽائون جا رهواسي بنيادي سهولتن کان وانجهيل، بلڊر گم

مورو (رپورٽ: انس ٻرڙو   سنڌسماءَچار)  مورو ۾ بلڊر پاران قائم ڪيل جمالي ٽائون جا رهواسي 8 سالن کان گئس سميت بنيادي سهولتن کان وانجهيل، رهواسين جو چوڻ آهي ته بلڊر ۽ سوسائٽي جي مارڪيٽنگ ڪمپني ڪندڙ ڪمپني سکڻا آسرا ڌئي رهيا آهن پر عملي قدم کڻڻ لاءِ ڪو تيار ئي نه آهي. مورو مان سنڌ سماءَچار جي رپورٽر انس ٻرڙو جي رپورٽ مطابق، مورو شهر ۾ 8 سال اڳ قائم ڪيل جمالي ٽائون جيڪو محمد اشرف جمالي جي نالي تي رجسٽرڊ ٿيل آهي، ان ٽائون ۾ بلڊر ڪي به بنياد سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام بڻجي ويو آهي. موري جي ٽائون انتظاميا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته،جمالي ٽائون انتظاميا گئس، ڊرينيج روڊ رستن سميت ٻيون سهولتون گهر تعمير ڪرائڻ شرط ڏيڻ جو لکت ۾ معاهدو ڪيو هو.

پلاٽن جي خريداري وقت مارڪيٽنگ ڪندڙن به گئس، سيوريج ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي مهيا ڪرڻ جو وعدو ڪيو هو جيڪو سندن معاهدن ۾ شامل هو. ال امين انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسان 2017 ۾ گئس ڪنڪشن لاءِ فارم ڀري چڪا آهيون پر انتظاميا اهي فارم ڏيکارڻ کان انڪار ڪري رهي آهي. جمالي ٽائون کان پوءِ مورو شهر ۾ ڪيترائي نوان ٽائون تعمير ٿي چڪا آهن جن ۾ گئس جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي پر جمالي ٽائون انتظاميا (ال امين مارڪيٽنگ) ٽائون ۾ گهر ٺهڻ باوجود گئس فراهم نه پئي ڪري جنهن ڪري رهواسي پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. جمالي ٽائون جا رهواسي ڪيترائي ڀيرا انتظاميا سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ويا ته انتظاميا پاران کين هر ڀيري صرف آسرا ئي ڏنا وئا پر عملي ڪم هن وقت تائين ناهي ڪيو ويو. رهواسين جو چوڻ آهي ته جلد کان جلد گئس جي سهولت ڏئي پريشانيون ختم ڪيون وڃن ٻئي صورت ۾ انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *