Friday , April 26 2024

” مودي جي پاليسين ڪشمير بابت پاڪستان جي موقف کي هٿي ڏني“: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته، ”ڀارتي وزيراعظممودي سرڪار اهو ڪم ڪيو آهي، جيڪو ڪا به حڪومت نه ڪري سگھي، مودي جي پاليسين ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اڀاريو آهي“. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته، گڏيل قومون، يورپين يونين، آمريڪا، برطانيا، روس، چين ۽ ترڪي سڀئي ڇڪتاڻ جو خاتمو چاهين ٿا. مودي سرڪار اهو ڪم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڪا حڪومت نه ڪري سگھي هئي ۽ مودي جي پاليسين ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪري ڇڏيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته، ان ڪري پاڪستان ۽ ڀارت جي معاملن ۾ عالمي برادري مداخلت ڪئي آهي. هوڏانهن پنهنجي بيان ۾ شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ ننڍو طبقو سياسي فائدن لاءِ خطي کي جنگ جي آڙاهه ۾ ڌڪڻ چاهي ٿو. پاڪستان جي هميشه اها ئي ڪوشش رهي آهي ته پاڙيسرين سان تڪرار نه هجي ۽ خطي ۾ امن مان قائم رهي، پر افوس آهي جو اسان جو پاڙيسري ڀارت اڪثر ڪري امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قدمن کانپوءِ ڀارت مان به امن جي حمايت ۾ آواز اٿي رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته، سعودي جي پرڏيهي معاملن واري وزير عادل الجبير جي پاڪستاني دوري بابت شاهه محمود قريشي چيو ته سعودي وزير چيو هو ته هو پهريان نئين دهلي ويندو ۽ پوءِ  پاڪستان ايندو پر هاڻي اطلاع آهن ته سندس دورو دير جو شڪار ٿي ويو آهي. سعودي وزير معاملا حل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان امن لاءِ هر  وقت تيار آهي، ڪشمير مسئلو هاڻي سموري دنيا ۾ اجاڳر ٿي ويو آهي، خطي ۾ امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي.

www.sindhsamaachar.com

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *