Wednesday , April 24 2024

”موجوده صدر عارف علوي 41 سال پراڻي ڪيس جي رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪئي؟“

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڇا ملڪ جي موجوده صدر، ڊاڪٽر عارف علوي به ڪراچي جي عدالت ۾ 41 سالن کان هلندڙ سول ڪيس ۾ رڪارڊ جي هيراڦيري ڪئي هئي؟ ان بابت هڪ شهري جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، درخواست گذار جو چوڻ آهي ته عارف علوي صدارتي عهدو رکڻ جي اهل ناهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي خلاف ديواني ڪيس دستاویزات کي ٽیمپر کرڻ بابت ثبوتن جا تفصيل 21 جنوري تي طلب ڪري ورتا آهن. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه عظمت ريحان نالي شهري پاران ڊاڪٽر عارف علوي کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. جنهن ۾ درخواست گذار پاران اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي علويه ٽرسٽ جو ” شريڪ ٽرسٽي“ آهي. 1977ع کان عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس ۾ ٽي ڀيرا حلف نامي ۾ غلط بياني ڪئي جنهن هاڪس بي جي ”نمڪ بئنڪ“ جي ديواني ڪيس ۾ پاڻ کي ٽرسٽي ظاهر ڪيو جنهن بابت عدالت سندس خلاف حڪم جاري ڪري چڪي آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عارف علوي عدالتي رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪئي جنهن ڪري کي نااهل قرار ڏنو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *