Saturday , April 20 2024

مهمند ڊيم ٺيڪو، پيپلز پارٽي ڊيسڪون ڪمپني خلاف نئب پهچي وئي

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاران مهمند ڊيم جو ٺيڪو وزيراعظم جي صلاحڪار رزاق دائود جي ڪمپني ڊيسڪون پرائيوٽ لميٽيڊ کي ڏيڻ خلاف نئب کي درخواست ڏئي معاملي جي اڻڌري جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مهمند ڊيم جو ٺيڪو چائنا گيزوبا، ڊيسڪون ۽ ووئٿ هائڊرو جي گڏيل وينچر کي ڏنو ويو هو جنهن ۾ چائنا گيزوبا جا 70سيڪڙو شيئرز آهن جڏهن ته ڊيسڪون ۽ ووئٿ هائڊرو جا گڏيل طور تي 30 سيڪڙو شيئرز آهن. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چوڌري ظهير محمود نيب ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊيسڪون کي ڊيم جو ٺيڪو ڏيڻ مفادن جو ٽڪراءُ ۽ قانوني طريقن جي خلاف آهي. منصوبي جي شفافيت تي سنجيده سوال اٿي رهيا آهن، اهم منصوبي جي اڻ شفاف ٻولي تي عبدالرزاق دائود ۽ ٻين ڌرين خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪيو وڃي. درخواست جمع ڪرائيندڙ دعويٰ ڪئي آهي ته عبدالرزاق دائود جي ڪمپني کي ٺيڪي لاءِ  گھربل ٽيڪنيڪي معيار  تي پوري نٿي لهي. ان حوالي سان پٽيشن ۾ چيو ويو ته ايف ڊبليو او سان معاهدو ٽيڪنيڪي بنيادن تي رد ڪيو ويو پر ڊيسڪون کي سنگل ٻولي تي ٺيڪو ڏنو ويو . ظهير محمود پٽيشن ۾ چيو ته عبدالرزاق دائود وزيراعظم جو صلاحڪار ۽ پاليامينٽ جي معاملن ۾ به حصو وٺندو آهي. عبدالرزاق دائود نيب آرڊيننس 1999 جي سيڪشن 9 جي خلاف ورزي ڪئي ان ڪري هن خلاف احتساب عدالت ۾ رفرنس داخل ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *