Friday , March 29 2024

مهمند ڊيم جو ٺيڪو رد ڪري جاچ ڪرائي وڃي: اپوزيشن ليڊر شهباز شريف

اسان اسيمبلي ۾ ڪنهن جا گٿا لفظ ٻڌڻ ناهيون آيا:شهباز شريف

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) اپوزيشن ليڊر شهباز شريف مهمند ڊيم جي اڏاوت جو ڊيسڪون ڪمپني کي ڏنل ٺيڪو رد ڪري نئين سر ٽينڊر ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته، ڊيم جي اڏاوت جو ٺيڪو وزيراعظم جي صلاحڪار رزاق دائود جي ڪمپني کي ڏيڻ واري معاملي جي پارلياماني ڪميٽي کان جاچ ڪرائي وڃي، وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته شهباز شريف جي مطالبي کي ڊيم خلاف سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته مهمند ڊيم منصوبو 54 سالن کان رڳو فائيلن ۾ هو.  قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو ته مهمند ڊيم جي اڏاوت جو ٺيڪو نون ليگ جي حڪومت نه پر پي ٽي آءِ جي موجوده حڪومت ڏنو آهي، ٺيڪو وزيراعظم جي صلاحڪار رزاق دائود جي ڪمپني کي ڏنو ويو آحي، جنهن جي شفافيت لاءِ جاچ ڪرائڻ سان گڏ ٺيڪو رد ڪري نئين سر ٽينڊر ڪيو وڃي. شهباز شريف چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ جنگي بنيادن تي بجلي جا منصوبا شروع ڪري لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو. ملڪ جي مدد ڪرڻ تي اسان چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جا ٿورائتا آهيون. اپوزيشن ليڊر خطاب ڪندي چيو ته، ملڪي معيشت جي تباهي جي ذميوار موجودهه حڪو آهي، اسان جي دور ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو ۽ مقرر وقت کان اڳ منصوبا مڪمل ڪيا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *