Saturday , April 20 2024

مهراڻ يونيورسٽي جو گارڊ جمنازيم حال ۾ پراسرار نموني فوت

حيدر آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) مهراڻ يونيورسٽي ۾ نجي سيڪويرٽي ڪمپني جو محافظ پراسرار نموني فوت، لاش هيلٿ ڪلب جي حال مان هٿ، انتظاميه لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ڪجهه ب ه ٻڌائڻ کان لنوائڻ لڳي. مهراڻ يونيورسٽي ۾ مقرر خانگي سيڪيورٽي ڪمپني جو گارڊ علي حسن رند پراسرار نموني فوت ٿي ويو، انتظاميا جو چوڻ آهي ته گايڊ جو لاش هيلٿ ڪلب جمنازيم جي هڪ حال مان مليو آهي، يوينورسٽي انتظاميا ان کان وڌيڪ ڪجهه به ٻڌائڻ کان لنوائي رهي آهي. پراسرار نموني فوت ٿيل گارڊ جو لاش ڄامشورو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس پوسٽ ٿيڻ يا نه ٿيڻ جي به تصديق نه پئي ڪئي وڃي، صرف ايترو ٻڌايو ويو آهي ته قانوني ڪارروائي بعد گارڊ علي حسن رند جو مڙهه وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪي ڪنڊياري کڻائي ويا آهن، پوليس به ان سلسلي ۾ ڪجهه به نه ٻڌائي رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *