Friday , March 29 2024

مهاڻن جي اداري ايف سي ايس ۾ 3 ڪروڙن جي ڪرپشن،3 آفيسرز کي نوڪري مان نيڪالي

ڪراچي ( اصغر آزاد      سنڌ سماءَ چار) مهاڻن جي اداري فشر مينز ڪوآپريٽيوز  سوسائٽي  7 ايف سي ايس جي ٽن آفيسرن کي نوڪرين نيڪالي ڏني وئي آهي، نيڪالي ڏنل آفيسرز تي اداري ۾ 3 ڪروڙ 30 لک رپيا ڪرپشن جو الزام آهي، جيڪي ان ڪيس کي نيب ڪورٽ ۾ منهن ڏئي رهيا آهن. آفيسرن ۾ سعيد بلوچ، ناصر بونيري ۽ محمد علي خان شامل آهن. برطرفي جي حڪم نامي ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڄاڻايل آفيسرن گڏاپ واري علائقي ۾ ٽي ڪروڙ رپين جي زمين خريد ڪئي، جيڪا غير قانوني هئي. آفيسرن تي اهو به الزام هنيو ويو آهي ته انهن ڪرپشن ڪئي. نيڪالي ڏنل عملدارن کي  فشرمينز ڪوآپريٽيوز سوسائٽي پاران شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيا ويا ۽ جيڪي جواب مليا، انهن کان ادارو مطمعن نه ٿيو.جنهن کانپوءِ سندن برطرفي جا حڪم ناما جاري ڪيا ويا. آفيسرن تي اهو به الزام لڳايو ويو آهي ته انهن مان هڪ عملدار جيڪو پي آر او هو، ان اداري جي ساک کي نقصان پهچائڻ لاءِ ناڪاري مهم هلائي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *