Saturday , April 20 2024

مهانگائي جي هڪ ٻئي بم جي تياري، بجلي پوڻان 4 رپيا مهانگي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) مخالف ڌر ۾ هجڻ دوران مهانگائي خلاف واويلا ڪندڙ تحرتتيڪ انصاف اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ شين جا اگهه وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جيڪو سلسلو رڪجي ناهي سگهيو، گئس، ايل اين جي ۽ سي اين جي کانپوءِ پوءِ بجلي به مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، نيپرا طرفان وفاقي سرڪار کي بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيه 75 پئسن جو جهٽڪو ڏنو ويندو. بجلي جا اگهه وڌائڻ جو اصولي فيصلو ناڻي واري وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اي سي سي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ذريعن موجب بجلي جي اگهن ۾ تازي اضافي سان حڪومت صارفين کان 400 ارب رپيه هر مهيني اضافي وصول ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *