Thursday , March 28 2024

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فريال ٽالپر ۽ شهزاد جتوئي جي حفاظتي ضمانت منظور

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) بئنڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فريال ٽالپر ۽ ۽ نجي ڪنسٽريڪشن ڪمپني جي شهزاد جتوئي جي گرفتاري کان اڳ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ، اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پيپلزپارٽي اڳواڻ فريال ٽالپر جي 16 آگسٽ تائين گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪندي کيس 20 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم  ڏئي ڇڏيو آهي. بينڪنگ ڪورٽ ۾ اربين رپيا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پيپلزپارٽي اڳواڻ  فريال ٽالپر ۽ سندس وڪيل فاروق ايڇ نائڪ پيش ٿيا. عدالت فريال ٽالپر جي 16 آگسٽ تائين گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت فريال ٽالپر کي 20 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي. واضح رهي ته ان کان اڳ فريال ٽالپر جي سنڌ هاءِڪورٽ لاڙڪاڻي بينچ مان حفاظتي ضمانت منظور ڪئي هئي، جڏهن ته کيس بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو ويو هو. ايف آءِ اي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي چالان ۾ مفرور ظاهر ڪيو هو، جڏهن ته حسين لوائي ۽ طحه رضا گرفتار آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *