Saturday , April 20 2024

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سنڌ مان جلد وڏي گرفتاري ٿيندي: شيخ رشيد

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) وفاقي وزير شيخ رشيد احمد مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سنڌ مان وڏي گرفتاريءَ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته فالودَي واري جا اڪائونٽ ٻڌائيندا ته ڪنهن ڪنهن فائدو ورتو، اين آر او وٺڻ جون وڏيون ڪوششون پيون ٿين، شهبازشريف سڀني کان اڳيان آهي. ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي، جلد مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سنڌ مان اهم گرفتاري ٿيڻ  واري آهي. لاهور ۾ ريلوي هيڊ ڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته وزير اعظم 15 نومبر تي حيدرآباد ايڪسپريس جو افتتاح ڪندو، لاهور فيصل آباد ٽرين کي ملتان تائين هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شيخ رشيد چيو ته ڊيزل مهانگو ٿيڻ جي ڪري ڀاڙن ۾ واڌ جو فيصلو 21 نومبر کانپوءِ ٿيندو، في الحال ڊيزل جي بچت ڪئي ويندي. ريلوي واري وزير چيو ته هو قسم ٿو کڻي سگهي ٿو ته شهباز شريف نواز شريف کان وڏو چور آهي، ڪرپٽ شهباز شريف سندس دل مان لهي ويو آهي، شريف ڪٽنب سان لاڳاپا پنهنجي جاءِ تي پر چور کي چور ڪوٺبو رهبو. شيخ رشيد دعويٰ ڪئي ته هُو نئين سال ۾ ڪرپٽ سياستدانن جو خاتمو ڏسي رهيو آهي، سياست ۾ نوان چهرا سامهون ايندا، اين آر او جي ڪوشش ڪندڙن ۾ سڀ کان اڳڀرو شهباز شريف آهي.  شيخ رشيد مني لانڊرنگ ڪيس ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته فالودي واري جي اڪائونٽ مان ڳري رقم نڪرڻ واري آهي، سنڌ ۾ اهم گرفتاري ٿي سگهي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *