Friday , March 29 2024

مني لانڊرنگ ڪيس جي جوابدار انور مجيد هٿ ڪڙيون هڻڻ دوران اهلڪارن تي ڪاوڙجي پيو

ڪراچي(رپورٽ اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سمٽ بئنڪ جي مختلفکاتن ذريعي مني لانڊرنگ ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني مجيد کي اسلام آباد کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي، ٻنهي کي جمعي تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ايف آءِ اي ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد مان گرفتار گرفتار ڪيل اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد ۽ سندس پٽ اي جي مجيد کي ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. انور مجيد ۽ سندس پٽ کي ايئرپورٽ کان ٻاهر وٺي اچڻ دوران ايف آءِ اي اهلڪارن سان اٽڪي پيو. ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته، انور مجيد ۽ سندس پٽ کي جيئن ئي ايئرپورٽ کان ٻاهر آندو ويو ته، کيس جوابدار جي حيثيت ۾ هٿڪڙيون هڻڻ جي  ڪوشش ڪئي. ذريعن موجب ايف آءِ اي اهلڪارن جي اهڙي ڪوشش دوران ان ور مجيد ڏمرجي پيو ۽ اهلڪارن کي دڙڪا به ڏنا. ايف آءِ اي جي هڪ عملدار سنڌسماءَچار کي ٻڌايو آهي ته، انور مجيد ۽ سندس پٽ اي جي مجيد کي اڄ / جمعي ڏينهن بئنڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *