Friday , March 29 2024

مني لانڊرنگ ڪيس؛آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي ٻيهر نوٽيس جاري

ڪراچي ( رپورٽ   سنڌسماءَچار) مني لانڊرنگ ۽ ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽس واري ڪيس ۾ ايف آءِ اي آصف زردازري ۽ فريال ٽالپر کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. سمٽ بئنڪ ۾ ڪوڙا کاتا/اڪائونٽ کولي غير قانوني طريقي سان ڏوڪڙ پرڏيهه موڪلڻ (مني لانڊرنگ) ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جو اجلاس نجف مرزا جي صدارت هيٺ ٿيو. جي آء ٽي جي 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين هلندڙ اجلاس ۾ ڪيس جي مختلف پاسن جو جائزو ورتو ويو. ايف آءِ اي ذريعن موجب، سپريم ڪورٽ پاران آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف اليڪشن تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪرڻ واري حڪم جي به قانوني پاسن جوم جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهڙا نوٽيسز جاري ڪيا ويا ويا. ايف آءِ ۽ جي آءِ ٽي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي هدايت ڪئي آهي ته، اُهي 28 جولاءِ تي ڇنڇر (اڄ) ڏينهن ايف آءِ اي ۾ پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائين. ياد هجي ته فريال ۽ آصف زرداري سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي ته اهي اليڪشن ورڪ سبب مصروف آهن ۽ سمٽ اسڪينڊل سان به سندن واسطو ناهي. جنهن عدالت ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي هئي ته اليڪشن ٿيڻ تائين سندن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪري، اهڙي حڪم بعد ٻڌڻي 6 اگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *