Friday , April 26 2024

مني لانڊرنگ ڪيس،زرداري گروپ آف ڪمپنيز جي چيف ايگزيڪيوٽر آفيسر بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس جاري

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي، ذريعن جو چوڻ  آهي ته، ڪيس جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) بلاول ڀٽو زرداري کي پهريون ڀيرو، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي هڪ ڀيرو ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ سماءَ چار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ ڪري ناڻو پرڏيهه  منتقل ڪرڻ  وارو ڪيس منتقي انجام جي ويجهو پهچي ويو آهي، ڪيس جي جاچ ڪندڙ جَي آءِ ٽي زرداري گروپ آف ڪمپنيز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سِي اِي او) بلاول ڀٽو زرداري کي پهريون ڀيرو نوٽيس جاري ڪندي 28 هين نومبر تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جي آءِ ٽي پاران اڳوڻي صدر آصف زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي به هڪ ڀيرو ٻيهر بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.جي آءِ ٽي بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي 82 هين نومبر تي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بيان قلمبند ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *