Saturday , April 20 2024

مني بجيٽ: وفاقي حڪومت 9 مهينن لاءِ 183 ارب رپين جا ٽئڪسز لڳائي ڇڏيا

اسلام آباد ( سنڌ سماءَ چار      مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي سرڪار هلندڙ مالي سال جي رهيل 9 مهينن لاءِ مني بجيت پيش ڪري ڇڏي، مختلف شين تي 183 ارب رپين جا ٽيڪسز لڳائڻ جو اعلان، سگريٽ، موبائيل فون ۽ لگزري گاڏين تي ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز، اي او بي آءِ جي پينشنرز لاءِ 10 سيڪڙو پينشن وڌائڻ جو اعلان، وفاقي وزير اسد عمر پاران پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪسز سليب 6 مان وڌائي 8 ڪرڻ ۽ نان فائلرز جي بئنڪنگ ٽرانزيڪشن تي ود هولڊنگ ٽيڪس ڏهائي 6 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آحي. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته مني بجيٽ ۾ سئو سيڪڙو بار اميرن تي وڌو ويو آهي، اسان جي ايڪسپورٽ گهٽجي رهي آهي ۽ خسارو قرض وٺي پورو ڪري رهيا آهيون، جيستائين اسان ايڪسپورٽرز کي پنهنجي پيرن تي نه ٿا بيهاريون ته بهتري ايندي.  مني بجيٽ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته گذريل سال حڪومت وٽ معاملن کي هلائڻ لاءِ پيسا نه هئا، ان لاءِ اسٽيٽ بينڪ کان 12 سئو ارب رپين جا نوٽ ڇاپيا ويا. هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ جي مٽا سٽا واري ناڻي جا ذخيرا تيزي سان گهٽجي رهيا آهن، اسان وٽ ڪو به آپشن نه آهي ته انتظار ڪيون. اسد عمر چيو ته اسان ڪيترائي قدم کڻي رهيا آهيون، اسان وٽ وقت نه آهي، جنهن سبب اميرن تي ٽيڪس لڳايو آهي. اسان کي انهن ماڻهن کان ٽيڪس وٺڻو آهي، جيڪي ٽيڪس چوري ڪري رهيا آهن. اسد عمر  چيو ته اسان موبائل فونز ۽ گاڏين تي ٽيڪس وڌايو ويو آهي، مني بجيٽ ۾ هڪ سئو سيڪڙو اميرن تي ٽيڪس وڌو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *