Friday , March 29 2024

منهڙو؛ روهڙي ڪئنال کي گهارو، آبپاشي کاتو  گهارو ٻڌڻ ۾ ناڪام، سوين ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾

آچر ڏينهن اَسُر ويل لڳل گهاري جو اطلاع ملڻ باوجود آپاشي کاتو منجهند جو  12هين وڳي مَسَ وڃي اک پٽي

نوشهروفيروز (خاص نمائندو    سنڌسماءِچار) منهڙو وٽان روهڙي ڪئنال کي لڳل گهارو ٻڌجي ناهي سگهيو، 10 فوٽ جي روڻ اڍائي سئو فوٽ جي گهاري تائين پهچي ويو، ڪيترائي ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويا، منهڙو شهرمان به لڏپلاڻ جاري، آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري شام جو ستين وڳين کانپوءِ معاملي جو نوٽيس ورتو. آچر ڏينهن اَسُر ويل نوشهروفيروز ڀرسان منهڙو شهر وٽان يوسف ڏاهري ريگيوليٽر وٽان روهڙي ڪئنال کي گهارو پئجي ويو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته آچر تي صبح جو گهاري پوڻ جي ڪجهه ئي دير بعد اطلاع ڪيو ويو، ان وقت تائين گهارو 20 کان 25 فوٽ به مس هو ۽ ان مان پاڻي جو وهڪرو به تيز نه هو. علائقي واسين جو وڌيڪ چوڻ هو ته گهاري پوڻ جو اطلاع ملڻ باوجود آبپاشي کاتي وارن جي اک منجهند 12هين وڳي کانپوءِ کُلي ايستائين تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي. هنن ٻڌايو ته ڳوٺاڻن اَسُر ويل هڪ ٻئي کي گهرن مان اٿاري گهاري واري هنڌ پهچڻ جو چيو ۽ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڻي دٻاءُ تمام گهڻو هجڻ ڪري گهارو تيزي سان وڌڻ لڳو، جيڪو وڌي اڍائي سئو فوٽ ٿي ويو آهي، هن وقت تائين 24 ڪلاڪ ٿيڻ وارا آهن پر گهارو ٻڌجي ناهي سگهيو.

روهڙي ڪئنال کي اڍائي سئو فُوٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ پاڻي 100 کان وڌيڪ ننڍن وڏن ڳوٺن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي چڪو آهي، هزارين ايڪڙن تي ب يٺل فصل، باغ ۽ سبزيون ٻوڙي ڇڏيا آهن. گهارو ٻڌڻ ۾ رڌل ڳوٺاڻن سان گڏ منجهند جو 12هين وڳي کانپوءِ پهتل آبپاشي کاتي جا عملدار ۽ رينجرز اهلڪار به گهارو ٻڌڻ ۾ مصروف آهن. منهڙو شريف ڀرسان يوسف ڏاهري ريگيوليٽر وٽان روهڙي ڪئنال کي لڳل گهاري جي نتيجي ۾ منهڙُ شهر ٻڏڻ جي خطري سبب ٻانڌي مورو روڊ کي ڪٽ هڻي پاڻي جو رخ موڙيو ويو، منهڙُ شهر جي رهواسين ۾ خوف پکڙجي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهن گهر خالي ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻي طرف اتنظاميا طرفان گهارو ٻڌڻ لاءِ مدد طور رينجرز اهلڪارن کي به گهرايو ويو. ڪئنال مان پاڻيءَ جي وهڪري ۾ تيزي سبب گهارو ٻڌڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. گهاري جو پاڻي نوابشاهه ۽ نوشهروفيروز ضلعن جي ڳوٺن ڏانهن وڌي رهيو آهي. گهاري جي پاڻي هزارين ايڪڙڻ تي بيٺل فصل کي ٻوڙي ڇڏيو ۽ متاثر علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ٻڏي ويل ڳوٺن ۾ چنل ڏاهري، مريد ڏاهري، يوسف ڏاهري، امير بخش ڏاهري، رسول بخش ڏاهري، هادي بخش ڏاهري، عزيز گجر، ڳوٺ لاڙڪاڻو، ٻروچ ڏاهري ۽ ڳوٺ رجب ڏاهري شامل آهن. انتظاميا ڦاٿل خاندانن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا ويا، ڳوٺن ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو ڦاٿل ڪيترائي ڳوٺاڻا مدد لاءِ واجهائي رهيا آهن. ڪمشنر بينظير آباد ۽ ڊي سي نوشهروفيروز جو چوڻ آهي ته گهاري جي ڦاٿل خاندانن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ٻيڙيون موڪليون ويون آهن. انتظاميا موجب روهڙي ڪئنال جي ڀرپاسي جا ننڍا وڏا ڳوٺ پاڻي جي وڪڙ ۾ اچي ويا آهن.

هي اٿؤ اسان جي سنڌ: ڪاڇي ۾ ماءُ ۽ پٽ اُڃ وگهي فوت

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *