Thursday , March 28 2024

منهنجي گرفتاري لاءِ ثبوت ۽ بهانا ڳوليا پيا وڃن، ڊڄا نه ٿو: آصف زرداري

سڪرنڊ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائيندي چيو آهي ته کيس گرفتار ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، منهنجي گرفتاري لاءِ بهانا ۽ ثبوت ڳوليا پيا وڃن پر مان گرفتاري کان ڊڄڻ وارو نه آهيان، گرفتار ٿيس سياسي طور شهرت ۾ اضافو ٿيندو. سڪرنڊ ڀرسان صابو راهو ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، عمران خان کي ڊيل سان اقتدار ۾ آندو ويو آهي، کيس ڊيل ڪرڻ ته اچي ٿي پر ڪم ڪرڻ نه ٿو اچي. عمران خان چيو ته ڪرنسي جو واپار چين سان ڪرايو آهي پر هُن ڪرنسي جي مٽا سٽا ڇهن ملڪن سان ڪئي آهي. اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي صدر آصف علي زرداري چيو ته،  هن چيو ته هن پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪشڪول نه کنيو هو پر پنهنجي مان پنهنجو ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اقتدار ڊيل کان سواءِ نه حاصل ٿيندو آهي، عمران خان به ڊيل سان آيو آهي پر هن کي ڊيل ڪرڻ ته اچي ٿي کيس ڪم ڪرڻ نٿو اچي، جڏهن ته نوازشريف کي به ڊيل وارا اقتدار ۾ کڻي ايندا آهن.  آصف زرداري ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته کيس گرفتار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي پر گرفتاري تي هو خوشي محسوس ڪندو، هو اڳ به گهڻو مشهور آهي ۽ هاڻ وڌيڪ مشهور ٿيندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *