Friday , April 19 2024

منهنجي ساٿين کي گم ڪرڻ جو مون تي ڪو به اثر نه ٿو پوي، نواز شريف کي وڌيڪ ٿڪائينداسين: آصف علي زرداري

Ghulam Qadir Marri 3

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته،منهنجي ساٿين کي اغوا ڪري کين ڊيڄاريو پيو وڃي ته هو منهنجي ويجهو نه اچن،منهنجي ساٿين کي اغوا ڪرڻ سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، منهنجي ماڻهن کي پوليس نه پر ڪو ٻيو کنڀي رهيو آهي، نوازشريف ٿڪجي پيو آهي، اسان کيس وڌيڪ ٿڪائينداسين، آءِ جي اي ڊي خواجا جيڪڏهن سٺو آهي ته ٻيا آفيسر به خراب نه آهن، ارڙهين ترميم کانپوءِ آءِ جي مقرر ڪرڻ صوبن جو اختيار آهي.

 هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي آصف زررداري وڌيڪ چيو ته، منهنجي ساٿين کي اغوا ڪري کين ڊيڄاريو پيو وڃي ته هو منهنجي ويجهو نه اچن،منهنجي ساٿين کي اغوا ڪرڻ سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، منهنجي ماڻهن کي پوليس نه پر ڪو ٻيو کنڀي رهيو آهي.

هن چيو ته،جيڪڏهن ڊيل ڪئي هجي ها ته 13 سال قيد ڇاڪاڻ ڪاٽيان هان، سري محل منهنجو ئي هجي ها ته مان اتي ئي رهان هان.

آصف زرداري چيو ته نواز شريف تي جيستائين ڏکيو وقت ناهي ايندو تيستائين رابطو ناهي ڪندو،نواز شريف وڏي ڪوشش ڪئي ته سنڌ جون سيٽون حاصل ڪري پر کيس ڪجهه نه هٿ آيو آهي، منهنجي ايندڙ جلسي ۾ گو نواز گو جو نعرو لڳندو.

هن چيو ته، جيڪڏهن اي ڊي خواجا سٺو آهي ته ٻيا به خراب ناهن، 18هين ترميم کانپوءِ آءِ جي مقرري جو اختيار صوبن کي حاصل آهي، اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ به ڪيترائي آءِ جي  تبديل ڪيا ويا آهنن.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي جان جو تمام گهڻو فڪر آهي، وزيراعظم جو فيصلو پ پ چيئرمين ئي ڪندو.

هن چيو ته، نواز شريف هاڻي ٿڪجي پيو آهي ۽ کيس اڃا وڌيڪ ٿڪايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *