Wednesday , April 24 2024

منهنجو نالو لسٽ مان ڪڍو؛سنڌ جو گهرو سيڪريٽري سنڌهاءِ ڪورٽ پهچي ويو

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ”پرڏيهه سرڪاري دوري تي وڃڻو آهي، اي سي ايل مان نالو ڪڍيو وڃي“ سنڌ جي گهرو کاتي جو سيڪريٽري قاضي ڪبير سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو. قاضي ڪبير پنهنجو نالو اي سي ايل مان ڪڍرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته گهرو سيڪريٽري تي ڪرپشن جا الزام آهن، تڪڙ ۾ نالو ڪيئن ڪڍون؟اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته قاضي ڪبير خلاف 2013 ۾ ڪرپشن جو الزام لڳائي جاچ شروع ڪئي وئي، 5 سال گذرڻ باوجود جاچ مڪمل ناهي ڪئي وئي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته نيب انڪوائري معطل آهي، تنهنڪري گهرو سيڪريٽري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي.درخواستگذار جي وڪيل فيضان ميمڻ موقف اختيار ڪيو ته صوبائي گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير آفيشل وزٽ لاءِ پرڏيهه ايندو ويندو آهي، پر نالو اي سي ايل تي هجڻ سبب ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته گهرو سيڪريٽري تي ڪرپشن جا الزام آهن، تڪڙ ۾ سندس نالو لسٽ مان ڪيئن ڪڍي ڇڏيون.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته قاضي ڪبير گهرو سيڪريٽري آهي، قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو، هو عام ماڻهو هجي ها ته جلد فيصلو ڪيون ها، عدالت ايندڙ هفتي تائين وڪيلن کان دليل طلب ڪري ورتا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *