Saturday , April 20 2024

منظور وساڻ جو نئون خواب، وزيراعظم عمران خان ڏچي ۾..؟؟

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينئر پ  پ اڳواڻ منظور وساڻ نئون خواب ڏٺو آهي، سندس خواب مطابق وزيراعظم عمران خان لاءِ ايندڙ سال انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندو. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي، منظور وساڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، هلندڙ سال ملڪ لاءِ تمام سٺو ثابت ٿيندو ۽ هي سال ملڪ لاءِ ماضي جي ڀيٽ ۾ انتهائي اهم سال آهي. منظور وساڻ هڪ سوال جي جواب چيو ته،  2019  پاڪستان لاءِ اهم ۽ بهتر آهي پر وزيراعظم عمران خان لاءِ ايندڙ سال 2020 لاءِ خطرناڪ سال ثابت ٿيندو. هن چيو ته سياست ۽ معيشت لاءِ هي سال اهم آهي. منظور وساڻ پنهنجي ايندڙ خواب بابت اڳواٽ ٻڌائيندي چيو ته، مان هاڻي آصف زرداري کي اڄ کان آزاد ڏسڻ جو خواب ڏسي رهيو آهيان. هن چيو ته 2019 جي سياسي صورتحال جو رخ طئه ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *