Friday , March 29 2024

نيب پاران منظور وساڻ، نواب وساڻ خلاف انڪوائري ۽ ڊي بلوچ ڪمپني جي مظهر علي خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نيب چيئرمين ڪامورن، سياستدانن ۽ خانگي ڪمپنين خلاف ڪرپشن جا 5 ريفرنسز داخل ڪرڻ، 9 انڪوائريز ۽ 22 انويسٽيگيشنس شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پ پ اڳواڻ وزير منظور وساڻ، نواب وساڻ، ثناءُ الله زهري، افتخار گيلاني ۽ سعد رفيق خلاف انڪوائريز، سکر بيراج جي اڳوڻي چيف انجنيئر جنيد ميمڻ، ڳڙهي خيرو جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر حميد پٺاڻ ۽ ڊي بلوچ ڪمپني جي شهزاد علي خلاف ڪرپشن وارن معاملن جا ڌار ڌار ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪرپشن جي مختلف درخواستن سميت انڪوائريز، انوسيٽيگيشنس ۽ ريفرنسز جو جائزو ورتو وي. جنهن بعد نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ 9 انڪوائريز جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيب جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، اجلاس ۾ نيب چيئرمين، نجي ڪنسٽريڪشن جي ڪمپني سردار اشرف ڊي بلوچ ڪمپني ڊي بلوچ ڪمپني جي ڊائريڪٽر شهزاد علي، ڳڙهي خيرو تعلقي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر حميد پٺاڻ، سابق چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بئنڪ احمد جنيد ميمڻ، سعيد احمد نيب ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

نيب جي پڌارائي موجب، نيب جي اجلاس ۾ عبدالمجيد پٺاڻ ايڊمنسٽريٽر تعلقه ڳڙهي خيرو ڊسٽرڪٽ جيڪب آباد سنڌ ،انجنيئر ٽي ايم اي تعلقه ڳڙهي خيرو ڊسٽرڪٽ جيڪب آباد شهزادو کوکر ۽ ٻين خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جوابدارن مبينا طور اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي سرڪاري فنڊز ۾ ڪرپشن ڪئي جنهن سان قومي ناڻي کي لڳ ڀڳ 20ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو. نيب جي ايگزيڪيوٽو اجلاس  اڳوڻي انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بينڪ ريجن احمد جنيد ميمڻ، سعيد احمد اڳوڻو سپرينٽڊنٽ انجنيئر، امجد احمد اڳوڻو ايگزيڪيوٽو انجينئر، سيد حسنين حيدر اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر شهزاد علي چيف ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سردار محمد اشرف ڊي بلوچ اينڊ ڪمپني خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اشرف ڊي بلوچ ڪمپني جي ڊائريڪٽر شهزاد جتوئي تي الزام آهي ته،جوابدارن تي مبينا طور بينظير آباد ضلعي جي آبپاشي کاتي جي مختلف سرڪاري اسڪيمن جي فنڊز  ۾ ڪرپشن جو الزام آهي، جنهن سان قومي ناڻي کي لڳ ڀڳ 66 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو.

نيب پڌرائي موجب اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر افتخار گيلاني، ڊپٽي آڊيٽر جنرل غلام محمد ميمڻ ۽ خيبرپختونخواه جي احتساب ڪميشن جي آفيسرن خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني. پڌرنامي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته اجلاس ۾ انڪوائريز کانسواءِ 22 انويسٽي گيشنز جي به منظوري ڏني وئي. خزاني جي اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار، انوشي رحمان، پي ٽي اي جي اڳوڻي چيئرمين اسماعيل شاهه ۽ ٻين خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي.  قومي احتساب  بيورو جو چوڻ آهي ته سموريون انڪوائريز،الزامن جي بنياد شروع ڪيون ويون آهن ۽ نيب لاڳاپيل ماڻهن کان قانون مطابق انهن جو موقف معلوم ڪندي. منظور وساڻ، نواب وساڻ، افتخارگيلاني، منظور وٽو،ثناءُ الله زهري ۽ افتخارگيلاني خلاف به ڪرپشن الزامن جي انڪوائري جي منظوري ڏني وئي. ڊپٽي آڊيٽر جنرل غلام محمد ميمڻ خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي.نيب چيئرمين پي ٽي اي جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر اسماعيل شاهه، سي ڊي اي جي اڳوڻي چيئرمين ڪامران لاشاري، ڪريڪ مرينا سٽي جي ايم ڊي محمد حسين، باون شاهه گروپ آف ڪمپنيز جي محمد ذرات خان خلاف انويسٽيگيشن جي منظوري ڏني وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *