Tuesday , April 23 2024

ملڪ ۾ ڪرونا وزيراعظم جي لاپرواهي سبب پکڙيو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي پکڙجڻ جو ذميوار وزيراعظم عمران خان کي قرار ڏيندي چيو آهي ته وبا جي روڪٿام لاءِ  سڀ کان پهريان سنڌ قدم کنيا ۽ ٻين صوبائي حڪومتن به انهن تي عمل ڪندي لاڪ ڊائون ڪيو، وفاقي حڪومت سنڌ ڏانهن پنهنجي  روين ۾ تبديلي آڻي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، سنڌ حڪومت ميڊيا ۽ مخالف ڌر جي نشاني تي آهي، ڪي پي ڪي حڪومت کان ڪوبه پڇاڻو ڪونهي. وزيراعظم چوي ٿو ته ملڪ ۾ وائرس پکڙجي چڪو آهي ۽ هاڻي هو ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن، هاڻ وبا سان گڏ رهڻو پوندو، پ پ چيئرمين چيو ته وفاقي حڪومت لاپرواهي جي انتها ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ئي ملڪ اندر ڪرونا کي بي قابو بڻجي ويو آهي، هن وقت به فرنٽ لائن تي وڙهندڙ ڊاڪٽرن کي نه پيو ٻڌو وڃي، واپارين کان صلاحون وٺڻ بدران ڊاڪٽرن کي ٻڌو وڃي، ڊاڪٽرن تي حملي جي ايف آ ۽ آر غلط پروپيگنڊا پکيڙڻ وارن تي داخل ڪرائڻ گهرجي. هن چيو ته وفاقي سرڪار ڊاڪٽرن ۽ غريبن کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي، وفاقي سرڪار رويو درست ڪري ملڪ ۾ جنگ جي صورتحال آهي، سنڌ حڪومت طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪندي،صوبي جي ٽيسٽنگ صلاحيت ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيو ته ڪورونا وبا دوران ڪهڙي قانون تحت اسٽيل ملز جَي هزارين ملازمن کي برطرف ڪيو پيو وڃي، وڏو وزير فيصلي کي هر فورم تي چئلينج ڪندو، هو ملازمن سان مڪمل طور گڏ آهن، پي آءِ اَي تي به سازش تحت ڌيان نه پيو ڏنو وڃي، وفاقي سرڪار غريب جو نالو وٺي امير جو ڪم ڪندي آهي. سندس چوڻ هو ته ماڪڙ ۽ ڪورونا وارو مسئلو وفاقي حڪومت جِي آئيني ذميواري آهي، پر هُو ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي، ماڪڙ جَي حوالي سان سنڌ حڪومت جَي خط جو جواب به ناهي ڏنو. پ پ چيئرمين چيو ته وفاقي سرڪار پنهنجو رويو درست ڪري، ملڪ ۾ هن وقت جنگِي صورتحال آهي، پ پ چيئرمين چيو ته اين ايف سي جِي نئين سِر جوڙجڪ غير آئيني آهي، ان حوالي سان آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *