Saturday , April 20 2024

ملڪ ۾ “ڊجوري” سسٽم ذريعي ٿيندڙ آدمشماري، سنڌ جي ماڻهن جي اعتراضن تي شماريات بيورو سرگرم

پيپلزپارٽي ملڪ ۾ “ڊجوري” سسٽم ذريعي ٿيندڙ آدمشماري، جي سمورن شرط کي قبول ڪري اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ۽ قومپرستن کي اعتراض آهن، سندن خدشا ختم ڪرڻ اسان جو وفد حيدر آباد ويندو: چيف شماريات بيورو

اسلام آباد (رپورٽر   سنڌسماءَچار ) ملڪ ۾ ستين ۽ سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ “ڊجوري سسٽم” ذريعي ٿيندڙ پهرين آدمشماري بابت سنڌسماءَچار جي جي خبر جي تصديق، شماريات بيورو جي چيف نعيم الظفر تصديق ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ستين آدمشماري سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ ٿيندي، ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ 6 مهينن تائين رهندڙ هر شخص کي ڳڻيو ويندو، چاهي اُهي پرڏيهي ئي ڇو نه هجن. شماريات بيورو پاران سنڌ جي قومپرستن ۽ سڄاڻ ڌرين جي آدمشماري تي سندن خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ساڻن رابطي جو فيصلو ڪيو آهي. شماريات بيورو جي چيف نعيم الظفر اسلام آباد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آدمشماري بابت سنڌ جي سياسي ڌرين جا خدشا ختم ڪيا ويندا، پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي ڊجيٽل آدمشماري تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، سنڌ جي قومپرستن کي آدمشماري تي خدشا آهن، جنهن لاءِ ساڻن رابطو ڪيوآهي، جلد حيدر آباد ۾ ملاقات ڪري سندن خدشا ختم ڪبا، ملڪ جي ستين ۽ پهرين ڊجيٽل آدمشماري ۾ پرڏيهين کي به ڳڻيو ويندو، جئين صوبن کي خبر پوي ته ڪيترا غيرملڪي رهن ٿا. وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ستين آدمشماري سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ ڪرائڻ ۽ پرڏيهين کي ڳڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، شماريات ڊويزن، آدمشاري تي سنڌ جي قومپرستن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ساڻن رابطي جو به فيصلو ڪيو آهي.

چيف شماريات بيورو نعيم الظفر چيو ته آدمشماري بابت سنڌ جي قومپرست، سڄاڻ ڌرين کي خدشا آهن، انهن جا خدشا ختم ڪيا ويندا، انهن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ حيدرآباد وينداسين، انهن سان سان ڳالهيون ڪري سندن خدشا ختم ڪنداسين، نعيم الظفر چيو ته پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي سميت ٻين جماعتن ڊجيٽل آدمشماري جي سمورن شرطن کي قبول ڪري اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ ڪٿي به غير ملڪي ڇهن مهينن کان ولڌيڪ رهندا ته اُهي به پنهنجي ڳڻپ پاڪستاني شهري طور ڪرائي سگهندا، انهن کان غير ملڪي هجڻ جو ڪو به دستاويز نه پڇيو ويندو، هن چيو ته ڊجوري سسٽم چئني صوبن جي رضامندي سان گڏيل مفادن واري ڪائونسل منظور ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *