Friday , April 19 2024

ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي جا 3 ڏينهن، 22 سئو ماڻهو ڪرونا وٺجي ويا

ڪراچي ۽ حيدرآباد جي نجي اسپتالن ۾ ڪرونا جا 18 سئو کان وڌيڪ مريض هجڻ جو انڪشاف

نجي اسپتالون مريضن جا انگ اکر لڪائي رهيون آهن: صحت کاتي جا ذريعا

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌ سماچار) سنڌ سوڌو پاڪستان ۾ ڪرونا جي وبا تيزي سان ڦهلجڻ باوجود وفاقي حڪومت جي دٻاءَ تي صوبائي حڪومتن پاران لاڪ ڊائون ۾ نرمي بعد وبائي وائرس جي متاثرن ۾ ڌڙاڌڙ واڌارو اچي رهي آهي، لاڪ ڊائون ۾ نرمي ۽ بازارو کولڻ جي ٽن ڏينهن دوران ڪرونا جا 22 سئو نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته متاثرن جو وڏو انگ سنڌ ۾ ظاهر ٿيو  آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي وبا تباهي مچائڻ طرف طرف وڌي رهي آهي، ملڪ ۾ متاثرن جو انگ وڌي 35 هزار 460 ٿي ويو آهي، سرڪاري انگن اکرن مطابق هيل تائين وائرس وگهي فوتين جو انگ 761 ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي صحت کاتي جي ذريعن کان هٿ ڪيل معلومات مطابق سنڌ ۾ سرڪاري انگن اکرن مطابق ظاهر ڪيل ڪرونا جي مريضن جو انگ 31 هزار341 ناهي پر اهو انگ 16 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي، مريضن جو سڀ کان وڌيڪ تعداد ڪراچي ۾ آهي، ڪراچي جي نجي اسپتالن ۾ دخل مريضن جو وڏو تعداد موجود آهي، جن جا صحيح انگ اکر صحت کاتي به نه پيا ٻڌايا وڃن. ذريعن جي دعويٰ آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي نجي اسپتالن ۾ رڪارڊ تي نه آيل مريضن جو مجموعي انگ 18 سئو کان وڌيڪ آهي.

سرڪاري انگن اکرن مطابق صرف 13 مئي تي وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 21 سئو 50 ٿي ويو آهي، پر اهو انگ 31 مئي تي منجهند جو اڍائي وڳي تائين جو هو جيڪو شام دير تائين آهستي آهستي ظاهر ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو. سرڪاري انگن اکر مطابق، سنڌ ۾ 13 هزار 341، پنجاب ۾ 13 هزار 231، بلوچستان ۾ 2239، خيبرپختونخواه ۾ 5 هزار 252، گلگت بلتستان ۾475 ، آزاد ڪشمير ۾ 88 ۽ اسلام آباد ۾ 759 ڄڻا ڪرونا وائرس ۾ مبتگال ٿي چڪا آهن. ملڪ ۾ ڪرونا وگهي فوتين جو مجموعي انگ وڌي 761 ٿي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *