Thursday , April 25 2024

ملڪ ۾ سيڪنڊري، هاير سيڪنڊري ۽ يونيورسٽيون 15 سيپٽمبر تي کلي وينديون

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ مرحليوار تعليمي ادار کوڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پهرين مرحلي ۾ نائين، ڏهين، انٽر، يونيورسٽيز، ووڪيشنل انسٽيٽيوٽس ۽ مدرسا کوليا ويندا، وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته، 23هين سيپٽمبر کان پرائمري ۽ مڊل اسڪولز کوليا ويندا. بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي اجلاس بعد وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته چئني صوبن جي تعليم کاتي ۽ صحت جي بين الصوبائي اجلاس ۾ 15 سيپٽمبر کان مرحليوار اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو، فيصلي سان گڏ ايس ايو پيز ۽ ٻيون تجويزون اين سيو سي کي اماڻيون جنهن به فيصلي جي منظوري ڏني. شفقت محمود چيو ته پرائمري اسڪولز کولڻ جو فيصلو 30 سيپٽمبر تي ڪيو ويندو، 23 سيپٽمبر تي ڇهين کان اٺين درجي تائين ڪلاسز کوليا ويندا، شاگردن لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، ٻار کي بخار يا کنگهه ٿئي ته اُن کي اسڪول نه اُماڻيو وڃي، ڪلاسز ۾ شاگردن جي گهٽ گنجائش رکي ويندي، هڪ ڪلاس جي اڌ ٻارن کي هڪ ۽ اڌ ٻارن کي ٻئي ڏينهن پڙهايو ويندو، اجلاس ۾ صوبن ۾ صحت کاتي سان گڏجي مانيٽرنگ ڪميٽيز جوڙڻ جو فيصلو، اُهي ڪميٽيز روزانو بُنيادن تي اسڪولن جو معائنو ڪنديون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *