Friday , April 19 2024

ملڪ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ، صوبا پاڻي احتياط سان استعمال ڪن،سنڌ جي پاڻي مان ڪٽوتي: ارسا چيئرمين

Mazhar shah

اسلام آباد: انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) پاران ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ ظاهر ڪندي صوبن کي صلاح ڏني وئي آهي ته اُهي پاڻي جو استعمال احتياط سان ڪن. ارسا پاران تڪراري چشما جهلم ڪئنال کي به بند ڪيو ويو آهي. سيد مظهر شاهه جو چوڻ آهي ته ڊيمن ۾ پاڻي گهربل مقدار کان گهٽ آهي، جنهن ڪري سنڌ سميت سمورن جو پاڻي گهٽايو ويو آهي.

 ارسا جو معمول وارو اجلاس چيئرمين سيد مظهر شاهه جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ملڪ ۾ پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ قرار ڏنو ويو ته هن وقت ملڪ جي ڊيمن ۾ پاڻي ضرورت کان گهٽ آهي، انڪري صوبن کي ڊمانڊ موجب پاڻي ڏيڻ بند ڪيو ويو آهي، کين سندن حصي موجب پاڻي ڏنو ويو، اجلاس ۾ صوبن کي آگاهي ڏني وئي ته هو پاڻي جي استعامل کي گهٽ ڪن ۽ کين ضرورت کان وڌيڪ پاڻي مهيا ڪرڻ واري مطالبي کي به رد ڪيو ويو آهي. ارسا چيئرمين سيد مظهر شاهه چيو ته هن وقت ڊيمن ۾ پاڻي جي صورتحال ڪا بهتر ناهي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو تربيلا ۽ منگلا ۾ پاڻي پورو ناهي، جنهن ڪري صوبن کي ڊمانڊ موجب پاڻي نٿو ڏئي سگهجي. اجلاس ۾ پنجاب جو هلندڙ تڪراري لنڪ ڪئنال چشما جهلم لنڪ ڪئنال فوري طور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

Chashma canal01

چشما جهلم ڪئنال 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو هو، اجلاس ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي حصي مان 10-10 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهٽايو ويو ۽ سنڌ کي هڪ لک 57 هزار ڪيوسڪ مان گهٽائي هڪ لک 47 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن ملڪ ۾ پاڻي جي صورتحال بابت جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا واري هنڌ تي مٿانهون وهڪرو 13600 ۽ هيٺانهون وهڪرو 155000 ڪيوسڪ جڏهن ته درياهه ڪابل ۾ نوشهرا واري هنڌ تي مٿانهون وهڪرا 21800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 21800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، پنجند واري هنڌ تي مٿانهون وهڪرو 22800 ۽ هيٺانهون وهڪرو 7200 رڪارڊ ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *