Friday , April 19 2024

ملڪ ۾ دهشتگردي لاءِ افغانستان جي سر زمين استعمال ڪئي پئي وڃي، افغانستان، دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري: آءِ ايس پي آر

 ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازين ڪاررواين لاءِ افغانستان جي سرزمين استعمال ٿي رهي آهي، دهشتگردي لاءِ سموري منصوبابندي افغانستان جي سرزمين تي ٿي رهي آهي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث دهشتگردن جي فهرست افغانستان کي ڏئي ڇڏي آهي، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي يا وري کين پاڪستان جي حوالي ڪي وڃي. دهشتگردي جي تازن واقعن بعد سڪيورٽي فورسز سڄي ملڪ ۾ڪارروايون ڪندي دهشتگردن لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته، پاڪ فوج ملڪ ۽ عوام جي حفاظت لاءِ آهي، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فورسز دهشتگردن خلاف ڪاررواين ۾ 100 دهشتگردن مارجي ويا آهن. سيوهڻ سميت ملڪ ۾ تازين ڪاررواين بعد سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف آپريشنز دوران هڪ سئو مارجي ويا آهن. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته، پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين لاءِ افغانستان جي سرزمين استعمال نه ٿيڻ گهرجي ان کي روڪڻو پوندو. آرمي چف جو چوڻ آهي ته، پاڪ فوج ملڪ ۽ قوم جي دفاع لاءِ آهي ۽ قوم دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪ فوج سان گڏ آهي، دهشتگردي جي ناسور جو خاتمو آڻيداسين. ٻي طرف آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، دهشتگردن خلاف ڪاررواين کي تيز ڪرڻ لاءِ گذريل ڏينهن حڪم ڏنو هو. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران 100 دهشتگرد مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي دهشتگرد گرفتار به ڪيا ويا آهن. پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين لاءِ افغانستان جي سرزمين استعمال ٿي رهي آهي ۽ پاڪستان ۾ دهشتگرد افغانستان ۾ منصوبابندي ڪري رهيا آهن. فوسرز جي ڪاررواين ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو مختلف تنظيمن سان آهي، دهشتگرد گهڻي وقت کان افغانستان مان ڪاررواين ۾ ملوث آهن. آءِ ايس پي آر جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته، فورسز کي پاڪ-افغان بارڊر تي ڪرڙي نظر رکڻ لاءِ چيو ويو آهي، ڪنهن کي به افغانستان مان سرحد پار ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. آءِ ايس پي آر موجب جيڪي به دهشتگرد پاڪستان ۾ دهشتگردي جي افغانستان ۾ ويهي منصوبابندي ڪري رهيا آهن، افغانستان جي اختيارين کي 76 دهشتگردن جي فهرست ڏني آهي انهن کي پاڪستان جي حوالي ڪيو وڃي. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن خلاف فورسز پاران تازو ڪيل آپريشنز بابت سمورا تفصيل جلد پڌرا ڪيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *