Thursday , March 28 2024

ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا: سيڪيورٽي فورسز جي ڪرم ايجنسي سميت مختلف علائقن ۾ ڪارروايون11 دهشتگرد مارجي ويا

Kuram Agency2

سيوهڻ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن کانپوءِ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جون دهشتگردن خلاف ڪاروايون جاري آهن. فورسز جي ڪرم ايجنسي سميت مختلف علائقن ۾ ڪارروايون11 دهشتگرد مارجي ويا ڪرم ايجنسي واري علائقي پاڙا چمڪني ۾ سڪيورٽي فورسز جي مقابلي ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 سڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگرد افغانستان مان ڪرم ايجنسي واري علائقي ۾داخل ٿي رهيا هئا ته مقابلو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا آهن. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي..

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *