Saturday , April 20 2024

ملڪ ۾ جمهوري قدرن، آئين جي حڪمراني ۽ برداشت کي هوا ۾ اڏاريو ويو: سپريم ڪورٽ

 اهڙا ماڻهو جن ملڪ ۾ تباهي ۽ موت جي راند کيڏي انهن کي تحفظ ملندو رهيو: جسٽس مقبول باقر

نيب سياسي مخالفن کي دٻائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي،عوام کي بنيادي آئيني حقن کان محروم آهي: سپريم ڪورٽ

تفصيلي فيصلو لکندڙ جسٽس مقبول باقر     

اسلام آباد( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ خواجا ڀائرن جي ضمانت بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، فيصلي ۾ انقلابي شاعر حبيب جالب جو شعر به لکيو ويو آهي، نيب قانون بهتري بدران مخالن کي دٻائڻ، وفاداريون تبديل ڪرائڻ، سياسي مخالفن کي سبق سيکارڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو، ننڍڙن ماڻهن کي چونڊرائي سندس تربيت (نشونما) ڪري اهم عهدن تي ويهاريو ويو، جن جو ماضي بدنما ۽ ڏوهاري رڪارڊ هو انهن کي قوم تي ٿاڦيو ويو، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان خواجا ڀائرن /  نون ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءَ خواجا سلمان رفيق جي پيراگون ڪرپشن ڪيس ۾  هلندڙ سال 17هين مارچ تي ضمانت منظور ڪرڻ واري حڪم ي جاري ڪيل 87 صفحن تي مشتمل تفصيلي فيصلو سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس مقبول باقر لکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته، نيب جي قانوني ذريعي مخالفن کي دٻايو ويو، نيب جي موجودگي ۾ ڪرپشڻ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ئي ٿيندو رهيو.

ملڪ ۾ جمهوري قدرن، آئين جي حڪمراني ۽ برداشت کي هوا ۾ اڏاريو ويو، اهڙا ماڻهو جن ملڪ کي تباهي ۽ موت جي راند کيڏي انهن کي تحفظ مهيا ٿيندو رهيو آهي، ملڪ جو ڪو به ادارو ڪرپشن کان پاڪ ناهي بچيو. سپريم ڪورٽ خواجا ڀائرن جي ضمانت واري جاري ڪيل تفصيلي فيصلي ۾ لکيو آهي ته، ضمانت جو مقصد ملزم کي ڪيس جي ٽرائل دوران حاضري کي يقيني بڻائڻ آهي، ان جو مقصد سزا ڏيڻ، جيل موڪلڻ يا وري آزادي کان محروم ڪرڻ ناهي پر، سمورن مهذب معاشرن ۾ مجرم قرار ڏيڻ کانپوءِ ئي سزا شروع ٿيندي آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته، جيستائين ٽرائل ۽ ان بعد سزا نه ٿي ٻڌائي وڃي ملزم بيقصور تصور ڪيو ويندو آهي، ٽرائل کان اڳ يا ٽرائل دوران سزا عذاب جو ڪارڻ بڻجندي آهي.

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته، ملڪ ۾ آئين جي ابتڙ پاڪستان جي عوام کي مليل  بنيادي حقن جي خلاف ٿي رهيو آهي، جڏهن به قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي جي ڪوشش ٿي ته، ان کي پوري طاقت سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪوشش ڪئي وئي، مسلسل غيرآئيني مداخلت ڪئي وئي، غير جمهوري طاقتن پاران طاقت جي حَوَس، قبضي جي لالچ، آئيني ۽ جمهوري قوتن جي نفي جو ڪارڻ بڻجندو رهيو آهي. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي موجب، پيراگون ڪيس بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهي، غيرقانوني طريقي سان آزادي متاثر ڪئي وئي آهي، نيب هن ڪيس ۾ قانون جي سري عام خلاف ورزي ڪئي، قانون ۽ آئين جو جائزو وٺڻ باوجود اهو راز آهي ته هي ڪيس ٺاهيو ڪيئن ويو آهي. فيصلو لکندڙ سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس مقبول باقر فيصلي ۾ چيو آهي ته، نيب آرڊيننس جنرل مشرف جي دور جو شروع وارن ڏينهن کان ئي وڏو تڪراري رهيو آهي، اهو قانون سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي، انڪري ئي ان تان عوام جو اعتبار ختم ٿي ويو آهي. فيصل موجب اهڙن ماڻهن جن تي وڏي پئماني تي ڪرپشن جا الزام آهن انهن خلاف ته ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪئي وڃي پر ٻئي پاسي جي ماڻهن کي وري ورهين تائين اذيت جو نشانو بڻايو ويندو آهي.

نيب قانون چوي ٿو ته ڪيس جو 30 ڏينهن اندر فيصلو ڪيو وڃي، پر نيب ۾ مهينن جا مهينا ۽ سالن تائين ڪيسز جي جاچ ئي مڪمل نه ٿي ٿئي ۽ فيصلا نه ٿا ٿين، ان جو مک ڪارڻ نيب وٽ پيشيواراڻي مهارت جي وڏي کوٽ آهي، انڪري ڪيسن ۾ سزا جو تناسب تمام گهٽ آهي. جسٽس مقبول باقت پنهنجي فيصل ۾ انقلابي شاعر حبيب جالب جي شهر جو به حوالو ڏنو آهي.

ظلم رہے اور امن بھی ہو

کیا ممکن ہے تم ہی کہو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *