Thursday , March 28 2024

ملڪ ۽ قوم نوازشريف کي گهڻو ڏنو، هاڻي سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول ڪري: چوڌري نثار

CH nisar and nawaz

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته نوازشريف کي ملڪ ۽ قوم گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، جيڪڏهن فيصلو سندس خلاف اچي ته کيس قبول ڪرڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ مان پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ کانپوءِ هو وزارت ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران چوڌري نثار علي خان چيو ته مون ڪيتريون ئي پريس ڪانفرنس ڪيون آهن پر هي سڀني کان مشڪل پريس ڪانفرنس آهي، هي پريس ڪانفرنس منهنجي جان لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ان جيڪو ڪجهه چيو هو ان ۾ ڪجهه ڳالهيون صحيح طريقي سان ٻاهر ويون جڏهن ته ڪجهه جو تاثر غلط ڏنو ويو، مان ڪنهن کان ناراض ناهيان ٿيو. سندس چوڻ هو ته  هو ۳۵ سالن کان مسلم ليگ ن ۽ ان جي قيادت سان گڏ آهي، نواز شريف ۽ ن ليگ سان گڏ پنهنجي سموري زندگي داءُ تي لڳائي پر ڪڏهن به پوئتي نه ڏٺم .

شيخ رشيد کي مخاطب ڪندي چوڌري نثار چيو ته ٻيون ٽرينون ان کي مبارڪ هجن، هو ڪنهن ٻي ٽرين جي سواري ناهي، جڏهن کان سياست جي شروعات ڪئي  ان وقت کان هڪ ئي ٽرين تي ويٺل آهي. چوڌري نثار چيو ته ۳۳ سالن کان هر ميٽنگ ۾ موجود رهيو آهي، گذريل هڪ مهيني دوران کيس ۳ ميٽنگز لاءِ گهرايو ويو پر اهم ترين مشاورتي اجلاس ۾ نه گهرايو ويو ۽ هو بنا گهرائڻ جي ڪٿي به ناهي ويندو. گهرو وزير چيو ته فوج سان ويجهڙائپ جي حوالي سان مٿس تمام گهڻا الزام لڳا، ان جو خانداني پسمنظر فوجي آهي ۽ ان کي ان تي فخر آهي. سپريم ڪورٽ جو پاناما ڪيس تي فيصلو چاهي نواز شريف جي حق ۾ هجي يا خلاف هو قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ ۽ وزارت ڇڏي ڏيندو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *